نئون ڪوٽ قلعي ۾ غيراخلاقي سرگرميون، چوڪيدار گرفتار

مٺي (ڊ ر) ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر ضلعن جي سنگم تي واقع تاريخي نئون ڪوٽ قلعي ۾ غيراخلاقي سرگرمين جي سامهون اچڻ بعد قلعي تي مقرر چوڪيدار کي پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو ۽ واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي. پوليس موجب حقيقتن جي روشني ۾ ڪيس داخل ڪيو ويندو.  جاچ مڪمل ٿيڻ بعد ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ثقافت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه واقعي جو نوٽيس ورتو هو، جڏهن ته اسسٽنٽ ڊائريڪٽر قلعي جي انچارج کي خط لکي ٽن ڏينهن اندر وضاحت طلب ڪئي هئي. انتظاميا جاچ لاءِ ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪلچر ڪيلاش مالهي کي مقرر ڪيو آهي ملازمن کان تفصيل ورتا. هن چيو ته جاچ مڪمل ڪري رپورٽ سومر تي لاڳاپيل کاتي کي اماڻيندس. گرفتار چوڪيدار جي والد آچار ڀيل دعويٰ ڪئي آهي ته وڊيوز هڪ سال پراڻيون آهن ۽ بدنيتي سان وائرل ڪيون ويون آهن. سياحت سان لاڳاپيل ڌرين خدشو ظاهر ڪيو آهي ته اهڙن واقعن سبب نئون ڪوٽ قلعي سميت ٿرپارڪر جي سياحتي ماڳن جي ساک کي شديد نقصان پهچي سگهي ٿو۔.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.