ڪراچي (رپورٽر) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پيپلز پارٽي جو واعدو آهي ته شهر ۾ ترقي جو سفر جاري رهندو، پر وزيراعظم ڪراچي لاءِ پيسا نٿو ڏئي، رنڇوڙ لائن ۾ تاريخي حسن علي هوتي مارڪيٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته نعمت الله خان، عبدالستار افغاني ۽ مصطفيٰ ڪمال فوجي آمر دور جا ميئر هئا، ڪي پي جو وڏو وزير سهيل آفريدي ڪراچي اچي هُن کي ڀليڪار چونداسين، هُن کي برگر کارائينداسين ۽ اجرڪ به پارائينداسين، هن چيو ته بلديه عظميٰ ڪراچي 100 سال پراڻي هن تاريخي مارڪيٽ کي بهتر بڻائڻ جو ذمو کنيو، حددخليون ختم ڪري عمارت کي ٻيهر بحال ڪيو ويو، مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته مسئلو اختيارن جو ناهي پر وسيلن جو آهي، اسان پنهنجي وسيلن ۾ اضافو ڪيو جنهن سبب ترقياتي ڪم ممڪن ٿيا، اڳ سمندر ۾ بنا صفائي پاڻي ويندو هو پر هاڻي ٽريٽمينٽ پلانٽ هلندڙ آهن ۽ وڌيڪ ٺهي رهيا آهن، شاهراهه ڀٽو تي ڪم تيزي سان جاري آهي ۽ شهر لاءِ نيون بسون اچي رهيون آهن، نعمت الله خان، عبدالستار افغاني ۽ مصطفيٰ ڪمال فوجي آمر دور جا ميئر هئا.