آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ وينزويلا مٿان حملن جو حڪم جاري ڪيو. وينزويلا جي گادي واري ھنڌ ڪاراڪس ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا. وينزويلا ۾ ڌماڪن ۽ جھازن جي اڏامن بعد آمريڪي ميڊيا طرفان چيو ويو آھي تھ ٽرمپ وينزويلا مٿان حملي جو حڪنامو جاري ڪيو آھي. رپورٽن موجب ٽرمپ وينزويلا جي فوجي اڏن سميت مختلف ھنڌن تي حملن جو حڪم جاري ڪيو آھي. وينزويلا جي صدر مادورو طرفان ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. آمريڪي صدر ٽرمپ پنھنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم ٽرٿ سوشل تي بيان جاري ڪندي چيو آھي تھ ” آمريڪا وينزويلا ۽ وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو مٿان ڪاميابي سان وڏي پيماني تي ڪاروائي ڪئي آھي. “
جيڪڏھن آمريڪي ميڊيا جي پروپيگنڊا کي پاسي تي رکندي جنھن موجب اھو چيو پيو وڃي تھ ٽرمپ ۽ آمريڪا دراصل وينزويلا جي صدر مادورو تي منشيات ۽ اھڙن ٻين معاملن سبب ڪاوڙيل آھن اصل حقيقتن جو جائزو ورتو وڃي تھ صورتحال ڪجهه ٻي آھي. جڏھن 16 ڊسمبر 2025ع تي آمريڪي صدر ٽرمپ وڏن جنگي جھازن ۽ ھٿياربند فوج سان وينزويلا جو بحري گھيرو شروع ڪيو تھ ان وقت ٽرمپ طرفان اعلانيل اھو چيو ويو تھ ”اسان کي وينزويلا جو تيل کپي ٿو. وينزويلا جو تيل اسان آمريڪي ڪمپنين کي ڏينداسين، اتي تمام گھڻو تيل آھي.“
سو وينزويلا مٿان آمريڪي حملي جو اصل سبب وينزويلا جو تيل ۽ معدني وسيلا آھن. ٻيو سڀ کان اھم سبب اھو آھي تھ آمريڪا جي اھا اعلانيل اسٽيٽ پاليسي آھي تھ چين کي روڪيو. چين کي محدود ڪيو. چين کي اڳتي وڌڻ کان ڪيئن روڪجي ان لاءِ بندوبست ڪيو. اھو ئي سبب آھي جو چين جو جتي جتي اثر آھي آمريڪا اتي مسئلا پيدا ڪري رھيو آھي. وينزويلا جو پڻ چين سان 80 سيڪڙو کان وڌيڪ جو تيل جو واپار آھي. آمريڪا کي اھا پريشاني آھي تھ اھو تيل چين بدران اسان کي ملي. اھو ئي سبب آھي جو وينزويلا جو صدر نڪولس مادورو آمريڪا لاءِ وڏو اسمگلر ۽ جنگي ڏوھاري آھي. جڏهن ته ھن نيتن ياھو جيان ڪي انسانيت خلاف وڏا جنگي ڏوھ ناھن ڪيا جيئن نيتن ياھو لکين فلسطينين جو قتلام ڪيو آھي. مادورو سادي ڳالهه ڪئي آھي تھ وينزويلا جو تيل ھتان جي عوام لاءِ استعمال ڪيو ويندو نھ ڪي آمريڪي مفادن لاءِ، اتان کان ئي مسئلو شروع ٿئي ٿو جيڪو اڄ وينزويلا مٿان آمريڪي حملي جي صورت ۾ اڳيان آيو آھي.
ٻي ھڪڙي ڳالهه ذھن ۾ رھي تھ 17 ڊسمبر 2025 تي جڏھن ھڪ صحافي آمريڪي صدر ٽرمپ کان سوال ڪيو ته ”ڇا وينزويلا جي گھيري پٺيان مقصد صرف رجيم چينج آھي؟“ ته ان سوال جي جواب ۾ ٽرمپ چيو ته ”اسان وينزويلا جو بحري گھيرو ان لاءِ ڪيو آھي ته جيئن ڪوبه وينزويلا ۾ داخل نه ٿي سگھي، وينزويلا اسان کان تيل جو حق کسيو، ھاڻ اسان پنھنجو اھو حق واپس ڪنداسين. “
صدر ٽرمپ وينزويلا جي جنھن تيل کي پنھنجو حق سمجھي ٿو ان جي ڪھاڻي ڪجهه ھن ريت آھي تھ وينزويلا جي سوشلسٽ صدر ھوگو شاويز وينزويلا جي تيل کي جڏھن قومي تحويل ۾ ورتو ھو تڏھن وينزويلا حڪومت ھڪ پاليسي منظور ڪئي ھئي ته وينزويلا جي جيڪا سرڪاري تيل ڪمپني آھي ان وٽ ئي تقريبن سمورن تيل منصوبن جي ملڪيت ھوندي. جڏھن ته ٻاھرين ڪمپنين کي ان سان گڏ تمام ٿورن شيئرز جو ئي حق حاصل هوندو. ڪيترن ئي آمريڪي ڪمپنين اھا پاليسي مڃڻ کان انڪار ڪيو ھو ۽ اھي ڪمپنيون پاڻ ئي وينزويلا ڇڏي ويون. ھاڻ ھن وقت صدر ٽرمپ وينزويلا جي ان پنھنجي ملڪ جي اندروني نيشنلائيزيشن واري پاليسي تي ٽرمپ کي تڪليف ٿي آھي تھ وينزويلا ڇو پنھنجو تيل پاڻ وٽ رکي ٿو؟ ان تي تھ ازل کان آمريڪا جو حق آھي ۽ آمريڪا کي ڏنو وڃي. مطب تھ دنيا جي جنھن بھ ملڪ وٽ تيل ذخيرا يا معدني وسيلا آھن اھو آمريڪا بادشاھ سرڪار جو سلامي ٿئي ۽ پنھنجي جان جي سلامتي وٺي نھ تھ ٻي صورت ۾ جيئن آمريڪا بھادر عراق، ايران، افعانستان، لبيا، سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن سان حشر ڪري چڪو آھي اھو ساڳيو حشر ھو انھن ملڪن جو بھ ڪندو جيڪي کيس پنھنجا معدني وسيلا وڪرو ڪرڻ نھ ڏيندا، ان ڪم لاءِ آمريڪا ھر ان ملڪ ۾ پنھنجا پالتو حڪمران بھ آڻيندو جيڪو کيس وسيلا ڏيڻ کان منع ڪندو. ھينئر ايران ۾ بھ وڏا مظاھرا شروع ڪيا ويا آھن تھ اتي بھ ٽرمپ ساڳي ڌمڪي ڏني آھي تھ اسان مداخلت ڪنداسين. ايئن ئي وينزويلا مٿان حملو ڪري ٽرمپ اتي بھ پنھنجا پٺو حڪمران اقتدار ۾ آڻڻ چاھي ٿو جيئن اتان جي وسيلن کي پنھنجي مرضي سان استعمال ڪري سگھي.