پنج وڏن جي ويهڻ جي تجويز راڻا ثناءُ الله جي ذاتي راءِ آهي:شيخ وقاص

پشاور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان شيخ وقاص اڪرم، ملڪ جي 5 وڏن جي گڏ ويهڻ جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته اهڙي تجويز راڻا ثناءُالله جي ذاتي راءِ ٿي سگهي ٿي، پر موجوده سياسي بحران عمران خان کان سواءِ حل نٿو ٿي سگهي. ڪالهه وزيراعظم جي vصلاحڪار رانا ثناءُالله جو ملڪ جي 5 بزرگن جي گڏ ويهڻ بابت بيان سامهون آيو، پر جمعي تي هن بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي پي ٽي آءِ جي ترجمان شيخ وقاص اڪرم چيو ته گڏ ويهڻ وارن بزرگن جي تجويز رانا ثناءُالله جي ذاتي راءِ آهي، کيس پنهنجي راءِ ڏيڻ جو حق آهي ۽ ان سان مسئلا حل نه ٿيندا. شيخ وقاص اڪرم چيو ته پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان کان سواءِ موجوده صورتحال جو ڪو به حل نه ٿو نڪري سگهي ۽ راڻا ثناءُالله کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته عمران خان ڪنهن به حالت ۾ مينڊيٽ چورن سان نه ويهندو.پي ٽي آءِ ترجمان وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن رانا ثناءُالله مفاهمت جي ڳالهه ڪري ٿو ته کيس آئين جي بحالي ۽ عدليه کي مڪمل آزادي ڏيڻ جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته حقيقي مفاهمت تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.