ڪراچي ۾ 471 خطرناڪ عمارتن جي سروي مڪمل، خالي ڪرائڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ خطرناڪ عمارتن جي رهواسين لاءِ مفت رهائش فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته غير محفوظ عمارتن کي فوري طور خالي ڪرايو ويندو ۽ اڳواٽ خالي ڪيل عمارتون ڊاٿيون وينديون، جڏهن ته متاثر رهواسين لاءِ فليٽس تيار ڪيا پيا وڃن. شرجيل ميمڻ موجب شھر ۾ 588 انتهائي خطرناڪ عمارتن مان 471 جي سروي مڪمل ٿي چڪي آهي. حڪومت 59 خالي ڪرايل عمارتن جي متاثرن کي ترجيحي بنياد تي نئين رهائش فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته حيدرآباد، سکر ۽ صوبي جي ٻين شھرن ۾ به سروي ڪري خطرناڪ عمارتن جي نشاندهي ڪئي ويندي. فيصلو شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ ۽ محفوظ رهائش فراهم ڪرڻ لاءِ  ورتو ويو آهي، جنهن سان شھرين کي خطري کان بچايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.