تهران/واشنگٽن(ع آ نيوز) ايران ۾ جاري احتجاج دوران ايراني سيڪيورٽي فورسزمختلف صوبن ۾ ڪارروايون ڪندي ڪيئي شهرين گرفتار ڪري ورتو. تشدد ۾ هڪ اهلڪار سميت ڇهه ڄڻن جي مارجڻ جا اطلاع آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب، تهران جي اولهندي علائقي ملارد ڪائونٽي ۾ اختيارين طرفان 30 ڄڻن کي ”شهرين جي قانوني احتجاجي حق“ جي غلط استعمال ۽ امن امان جي صورتحال متاثر ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موب، اتر البرز صوبي ۾ اختيارين 14 ڄڻن کي گرفتار ڪيو، جن تي الزام آهي ته هو ڌماڪيدار مواد ۽ پيٽرول بم ٺاھڻ جو ڪارخانو هلائي رهيا هئا، مقامي ميڊيا موجب، هي گروپ منظم ۽ تربيت يافتا هو.رپورٽ موجب، احتجاجي تحريڪ دوران لرستان صوبي ۾ ويهه مبينا شدت پسند مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو .ٻئي پاسي رياستي نشرياتي اداري ملڪ ۾ جاري احتجاج کي مڪمل طور نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي. ايران جي سرڪاري ٽيليويزن ۽ ريڊيو گذريل ڏينهن واري احتجاجي مظاهرن جو ذڪر صبح واري بليٽنز ۾ نه ڪيو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن ايران پُرامن مظاهرين تي تشدد ڪيو ته آمريڪا انهن جي بچاءَ لاءِ اڳتي ايندو. سوشل ٽروٿ اڪائونٽ تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته” جيڪڏهن ايران پُرامن مظاهرين تي تشدد ڪيو يا کين قتل ڪيو ويو ته آمريڪا انهن جي بچاءَ لاءِ ايندو.“آمريڪي صدر پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ لکيو ته” اسان وڃڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهيون. آمريڪي صدر جي ڌمڪي تي ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي صلاحڪار علي لاريجاني چيو آهي ته ايران جي احتجاجي معاملي ۾ آمريڪي مداخلت خطي ۾ افراتفري ڦهلائڻ برابر آهي. علي لاريجاني، ايڪس تي چيو ته اسرائيلي عملدارن ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جي بيانن هاڻي اهو واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پردي پويان ڇا ٿي رهيو هو. هن چيو ته اسان احتجاج ڪندڙ دڪاندارن جي موقف ۽ تباهي ڪندڙ عنصرن جي ڪاررواين ۾ فرق ڪريون ٿا، ۽ ٽرمپ کي سمجهڻ گهرجي ته ايران جي اندروني معاملن ۾ آمريڪي مداخلت سڄي علائقي کي غير مستحڪم ڪرڻ ۽ آمريڪي مفادن کي نقصان پهچائڻ جي برابر هوندي. علي لاريجاني وڌيڪ چيو ته آمريڪي عوام کي ڄاڻڻ گهرجي ته هي ايڊونچر ٽرمپ پاران شروع ڪيو ويو هو ۽ انهن کي پنهنجن سپاهين جي حفاظت بابت محتاط رهڻ گهرجي.