اڄ کان ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بسون، اورينج لائن کي گرين لائن سان ڳنڍڻ جو اعلان

ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي ۾ اڄ کان ڊبل ڊيڪر بسون هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت اورنج لائن بي آر ٽي کي گرين لائن سان ڳنڍڻ جو منصوبو شروع ڪيو آهي ۽ اورنگي کان نمائش تائين ان جو روٽ بڻايو ويو آهي. ان کان اڳ شهري شڪايت ڪندا هئا ته گرين لائن تائين پهچڻ کانپوءِ مسئلا پيش اچن ٿا ۽ ٻه ڪرايا ادا ڪرڻا پون ٿا. ٽرانسپورٽ کاتي پاران اورنج لائن ڊيپو تي اورنج لائن کي گرين لائن سان ڳنڍڻ واري افتتاحي تقريب اورنج لائن ڊيپو تي ٿي، تقريب ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ اورنج لائن کي گرين لائن سان ڳنڍڻ واري منصوبي جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي ايم ڊي ايس ايم ٽي اي ڪنول نظام ڀٽو منصوبي بابت بريفنگ ڏني.  ان  موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي  سينيئر وزير چيو ته هاڻي هڪ ئي ڪرائي تي اورنج لائن ۽ گرين لائن تي سفر ممڪن ٿيندو. وفاقي حڪومت جي وقت ۾ گرين لائن جي رائيڊرشپ 55 هزار هئي، جيڪا هاڻي 80 هزار جي لڳ ڀڳ آهي. بسن ۾ سيڪيورٽي ڪيمرائون ۽ ٻيون سهولتون موجود آهن. اورنج لائن ۽ گرين لائن تي عورتن لاءِ الڳ بسون هلايون وينديون، جڏهن ته سڀاڻي کان ڊبل ڊيڪر بسون شروع ڪيون پيو وڃن. نيون اي وي (EV) بسون به پهچي چڪيون آهن. وزيراعظم ڪراچي لاءِ 150 بسن جو اعلان ڪيو هو، اسان جي وزير اعظم کي گذارش آهي ته پنھنجو واعدو پورو ڪيو وڃي.  ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيوته ڪنهن کي به سرڪاري زمينن تي قبضو ڪرڻ نه ڏنو ويندو. ملير کان شاهراهه فيصل تائين ڊبل ڊيڪر بسون هلنديون، جنهن سان ٽريفڪ جا مسئلا حل ٿيندا. افتتاحي تقريب ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، پي آءِ دي ايس ايل جي سي اي او حيات باجوا ، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪنول نظام ڀٽو ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.