اسلام آباد (بيورو) پاڪستان شگر ملز ايسوسيئيشن دعويٰ ڪئي آهي ته ڪجهه حلقا ڪمند جي فصل جي وسيلن کي ٻئي فصل ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ هڪ مهم هلائي رهيا آهن ۽ بيوقوفاڻا بيانيا ٺاهي رهيا آهن. پاڪستان شگر ملز ايسوسيئيشن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ حڪومت جي اپائن ۽ موجوده صورتحال تي بحث ڪيو ويو. اجلاس کان پوءِ ايسوسيئيشن پاران جاري ڪيل بيان موجب، هڪ بيوقوفاڻو بيانيو تيار ڪيو پيو وڃي ته ملڪ جي کنڊ جي ضرورتن کي درآمد ذريعي پورو ڪري سگهجي ٿو، ڪجهه ڌريون ڪمند ۾ لڳل وسيلن کي هڪ خاص فصل ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ هڪ مهم هلائي رهيون آهن. هنن چيو ته ڪمند ملڪ جو اهم فصل آهي جيڪو بدلجندڙ موسمي حالتن کي برداشت ڪري سگهي ٿو. ڪمند مالي ۽ موسمي ٻنهي لحاظن کان هارين لاءِ سڀ کان وڌيڪ اعتماد جوڳو فصل آهي.