صدر زرداري قبيلائي دهشتگردي ۽ ڌاڙيل راڄ کان ڇوٽڪارو ڏياري:ڪاشف سعيد

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ پنهنجي نئين عوامي مهم بدلايو نظام کي سنواريو سنڌ کي جي شروعات ڪندي، بدامني، ڌاڙيل راڄ، قبيلائي دهشتگردي، ڪرپشن، قدرتي وسيلن جي لٽ مار ۽ عوامي حقن لاءِ شعور اجاگر ڪندي. جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ ورهين کان امن ۽ بنيادي سهولتون تباهه ٿي چڪيون آهن، ماڻهو نه محفوظ آهن ۽ تعليمي، صحت ۽ پاڻي جون سهولتون ناڪافي آهن. هن چيو ته صدر زرداري قبيلائي دهشتگردي ۽ ڌاڙيل راڄ کان ڇوٽڪارو ڏياري، ماڻهو ڏينهن هجي يا رات محفوظ نه  آهن، ڪيئن بي فڪر ٿي سمجهي سگهن ٿا؟ ڪاشف سعيد شيخ سکر ۾ ضلعي عهديدارن جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته قبائلي تڪرار ۽ ڌاڙيل راڄ سنڌ جي امن، محبت ۽ ڀائيچاري واري سڃاڻپ کي نقصان پهچائي رهيو آهي، جڏهن ته ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي خطي جي امن کي تباهه ڪري رهي آهي. هن زور ڏنو ته نظام ۽ قيادت جي تبديلي سان ئي سنڌ جي تقدير بدلجي سگهي ٿي. مهم جي شروعات عوامي رابطي ۽ بيداري ذريعي ڪئي ويندي، جيڪا سنڌ جي هر شهر ۽ محلي گهٽي تائين پهچائي ويندي. اجلاس ۾ صوبائي نائب عمرا پروفيسر نظام الدين ميمڻ، حافظ نصرالله چنا، جنرل سيڪريٽري محمد يوسف، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري علامہ حزب الله جکرو، عبدالقدوس احمداڻي ۽ امدادالله بجاراڻي پڻ موجود هئا.

جتوئين مهرن جا ماڻهو قتل ڪيا، حڪومت ڏوهارين خلاف قدم کڻي: علي گوهر مهر

خانپور مهر (رپورٽ: ميهر مهر) پيپلزپارٽي جي ايم اين اي سردار علي گوهر خان مهر چيو آهي ته شڪارپور ۾ هلندڙ مهر–جتوئي تڪرار جا ڇهه ڀيرا فيصلا ٿي چڪا آهن، پر عملدرآمد نه ٿيڻ سبب صورتحال خراب ٿي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ستون ڀيرو به فيصلي جي تاريخ مقرر ڪئي وئي، پر ان دوران جتوئي ڌر طرفان مهر برادري جا ماڻهو قتل ڪيا ويا، جنهن سبب تاريخ رد ڪرڻي پئي. سردار علي گوهر مهر چيو ته روڊن تي بيهي ڄڃن تي حملا ڪرڻ ۽ ماڻهو قتل ڪرڻ تڪرار نه پر سنگين ڏوهه آهي، جنهن خلاف حڪومت کي سخت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته فيصلا تڏهن ڪارائتا هوندا آهن جڏهن انهن تي عمل ٿئي، ٻي صورت ۾ اهي رڳو وقت جو ضايع آهن. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڌريون سنجيدگي ڏيکارين ته اٺن ڏينهن اندر ٻيهر فيصلي جي تاريخ رکي سگهجي ٿي، پر شرط اهو آهي ته فيصلي بعد ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف رياست سخت قدم کڻي.

قبيلائي دهشتگردي سرڪاري سرپرستي تحت وڌائي پئي وڃي: رياض چانڊيو

حيیدرآباد/وارھ (نمائندا) جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو آهي ته سنڌ ۾ امن و امان کي منصوبابندي تحت تباهه ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب عام ماڻهو گهرن ۽ روڊن تي غير محفوظ آهن. هن الزام لڳايو ته پوليس قانون جي عملداري بدران ڏوهارين کي قتل ڪرڻ ۾ ملوث آهي، جڏهن ته ڌاڙيل، دهشتگرد ۽ منشيات فروش آزاد گهمي رهيا آهن. پوليس کي اهو اختيار ڪنهن ڏنو ته ڏوهارين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ بدران قتل ڪري، پوليس واقعن جي اوٽ ۾ ڳوٺ ڊاهي ماڻهن کي گوليون هڻي رهي آهي. ان دوران، جيئي سنڌ محاذ تعلقي وارھ جون چونڊون ضلعي صدر ڊاڪٽر درياه خان ميرجت جي نگرانيءَ ۾ ڪيون ويون. اجلاس ۾ سن ۾  سائين جي ايم سيد جي 122 سالگره بابت پڻ ويچاريو ويو ۽ ڀرپور شرڪت جو فيصلو ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.