گذريل سال جو جائزو وٺڻ ۽ نئين سال لاءِ رٿابندي ڪرڻ جي اهميت ۽ ضرورت

                 اڄ سال 2025 جو آخري ڏينهن آهي يعني هن سال جي آخري مهيني جي 31 تاريخ آهي، جڏهن ته سڀاڻي تاريخ جي ڪلينڊر جو نئون سال ۽ ڳڻپ جي حساب سان سال 2026 طور جنم وٺندو. اهو به انساني شعور جي ارتقا جو هڪ ڪارنامو آهي جنهن تاريخ جو ڪلينڊر مرتب ڪيو جنهن سان ڳڻپ جي حساب واقعن کي تاريخ ۾ سان درج ڪرڻ سولو ٿي ويو آهي.

                 اسان جي تجربي ۽ مشاهدي ۾ اهو به نظر آيو آهي ته جن ماڻهن انفرادي طور ۽ جن قومن، صوبن ۽ ملڪن گذريل سال جو جائزو وٺي ان روشني ۾ نئين سال جي رٿابندي ڪئي تن ماڻهن قومن، صوبن ۽ ملڪن گذريل سال جو مجموعي جائزو وٺي ان روشني ۾ نئين سال جي رٿابندي ڪئي تن کي ئي اسان ڪامياب ٿيندي ڏٺو آهي. سو اسان تاريخن تي ٻڌل ڪلينڊر مرتب ڪندڙ هر ان ماڻهوءَ جا احسان مند آهيون جن اسان کي گذريل سالن جو جائزو وٺڻ ۽ ايندڙ نون سالن لاءِ ڪي گول (مقصد) طئي ڪرڻ جو موقعو مهيا ڪيو آهي جنهن سان انساني زندگي مئنيج ڪرڻ ڪافي سولي ۽ ڪارائتي بڻجي وئي آهي.

 سو اڄ سال 2025 جو آخري ڏينهن انفرادي ۽ اجتماعي طور تي اهو بيحد اهم موقعو ڏئي رهيو آهي ته اسان هن سال جو جائزو وٺي نئين سال 2026 ۾ ڪنهن رٿابندي سان داخل ٿيون. هن موقعي تي اسان شعوري طور ڪن معصوم ماڻهن جي اها غلط فهمي به دور ڪرڻ چاهينداسين جيڪي سمجهندا آهن ته شايد سج به ڪو پراڻو ۽ نئون ٿيندو آهي. سال 2025 جو سج ڪو ٻيو هو ۽ سڀاڻي جيڪو سال 2026 جو سج اڀرندو سو ڪو نئون هوندو ۽ اهو انهن جي قسمت ۾ ڪي نوان ڀاڳ ۽ خوشيون آڻيندو ۽ سال 2025 جو ڪو ٻيو سج هو جنهن کي اسان سال 2025 جي خوشگوار ۽ ناخوشگوار واقعن جو آخري ذميوار سمجهون ۽ ايئن سجن ۽ سالن کي خراب ۽ سٺو سمجهون. حقيقت اها آهي جيڪا سائنس جي نصابن ۽ ڪتابن ۾ پڙهائي ويندي آهي ته سج هڪ ئي هوندو آهي جيڪو نه اڀرندو آهي ۽ نه لهندو آهي. اهو هڪ ئي جڳهه تي ازل کان ڄمي بيٺل هوندو آهي، اها زمين ئي هوندو آهي جيڪا ان جي چوڌاري ڦرندي رهندي آهي ۽ ان جي ان حرڪت سان ئي صبح، منجهند، شام ۽ رات ٿيندي آهي جنهن جي حساب سان ئي فطري، ڪائناتي ۽ سماجي نظام جڙيل نظر ايندو آهي. زمين جي ان حرڪت کي ڏسندي باشعور انسانن هي ڪلينڊر ۽ سماجي نظام ترتيب ڏنو آهي.

چوڻ جو مقصد ته سج پراڻو ۽ نئون ناهي ٿيندو صرف ڪلينڊر جو سال تبديل ٿيندو آهي جيڪو اسان جي انفرادي ۽ اجتماعي وهنوار ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي سٺو، خراب، سڀاڳو يا نڀاڳو ٿيندو آهي. تنهن ڪري اهو لازمي آهي ته گذريل سال جي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي ڪارڪردگي جو جائزو وٺجي ته گذريل سال اسان پنهنجي لاءِ انفرادي توڙي اجتماعي سطح تي ڪا رٿابندي ڪئي هئي، ڪي مقصد طئي ڪيا هيا ۽ انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عملي طور ڪا ڪوشش ڪئي به هئي ته اها ڪامياب ٿي هئي يا نه. جيڪڏهن ڪامياب ٿي ته ڇو ۽  جي ناڪام ٿي ته ڪيئن. ان ڪاميابي ۽ ناڪامي جي روشني ۾ ڇا اسان نئين سال لاءِ ڪي متن ۽ مقصد جوڙيا  آهن. سو اسان جي ڪاميابي يا ناڪامي جو دارومدار پنهنجي عمل، رٿابندي ۽ ڪوشش سان آهي. ناڪامي ۽ ڪاميابي جو ذميوار ڪنهن ريت به ڪو سال نٿو ٿي سگهي. ڪلينڊر جو سال ته اوهان جي تاريخي مدد ڪندو ته ڦلاڻي سال اوهان هي مختلف ڪم ڪيا ۽ ايئن ان جو ريڪارڊ اوهان جي آڏو اچي ويندو.

 گذريل سال جي جائزي مان مراد اصل ۾ اها به هوندي آهي ته گذريل سال جي واقعن مان اوهان ڇا سکيو. ان لحاظ کان ان جائزي کي گذريل سال مان سبق وٺڻ يا پرائڻ به هوندو آهي. سو جڏهن اسان گذريل سال جو جائزو وٺڻ جي ڳالهه ڪيون ٿا يا صلاح ڏيون ٿا ته ان جو بنيادي مقصد سبق سکڻ آهي. هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا اسان واقعي به گذريل  سالن مان ڪو سبق حاصل ڪيون ٿا. پنهنجو خيال اهو اهي ته سکندو اهو ئي آهي جيڪو گذريل سال جو جائزو وٺڻ جي صلاحيت رکندو هجي ۽ ڪامياب به انفرادي ۽ اجتماعي طور اهي ماڻهو، قومون، سماج، صوبا ۽ ملڪ ٿيندا آهن جيڪي گذريل سال جي واقعن جو جائزو وٺي انهن جي روشني ۾ نئين سال جي رٿابندي ڪندا آهن.

ان پس منظر جي روشني ۾ ئي اوهان ڏسندا هوندا ته پرنٽ ۽ا ليڪٽرانڪ ميڊيا پڻ عوام جي آڏو گذريل سالن جي واقعن جو جائزو وٺندي آهي ته جيئن ان روشني ۾ عوام ۽ حڪومتون نئين سال جي رٿابندي ڪن. جيستائين سکڻ جو سوال آهي ته ان ڳالهه جو به جائزو وٺي سگهجي ٿو ته هر سال نئين سال جي آجيان ۽ خوشي ۾عوام جيڪا هوائي فائرنگ ڪندو آهي تنهن مان هر سال ڪيتريون انساني جانيون ضايع ٿينديون آهن ۽ ايئن نئين سال جي پهرين ڏينهن کان ئي فوتگيون شروع ٿي وينديون آهن ته ڇا عوام انهن  افسوس ناڪ واقعن مان سکي ڇا جشن طور هوائي فائرنگ ڪرڻ بند ڪئي آهي؟ ايئن سياسي سماجي ادبي ۽ شاگرد جماعتون،  حڪومتون به گذريل سال جي پنهنجي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي نئين سال جي، ان روشني ۾ حڪمت عملي طئي  ڪري سگهن ٿيون ته سوال اهو آهي ته ڇا اهي ايئن ڪري رهيون آهن يا ان جي ضرورت کي  محسوس ڪري رهيون آهن. جيڪڏهن اهڙي ضرورت محسوس ڪري رهيون آهن ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته اهي گذريل وقت ۽ سالن مان سکي رهيون آهن ۽ جيڪڏهن اهي گذريل وقت ۽ سالن جو جائزو وٺي .  نئين سال ۾ داخل ٿيڻ جي رٿابندي نه ٿيون ڪن ته ڇا اهو چئي سگهجي ٿو ته اهي سکڻ جي صلاحيت نه ٿيون رکن.

ايئن ئي گذريل سال سنڌ، ملڪ ۽ باقي دنيا اندر جيڪي واقعا ٿيا ڇا انهن جو جائزو وٺي ان مان سکي نئين سال لاءِ ڪا رٿابندي ڪئي وئي آهي جيڪڏهن ان جو جواب ها ۾ آهي ته اسان ان جي آجيان ڪنداسين پر جيڪڏهن نه ۾ آهي ته پوءِ ان ڳالهه تي زور ڀرينداسين ته گذريل سال جو جائزو وٺي ان روشني ۾ ايندڙ سال لاءِ ڪا رٿابندي ڪئي وڃي ۽ اها نه رڳو انفرادي  طور پر اجتماعي طور به ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.