نابينا قلي علي اڪبر جمالي جي داد رسي، پٽ کي ملازمت ملي وئي

جيڪب آباد (ڊ ر) جيڪب آباد ۾ ريلوي اسٽيشن تي نابينا قلي جي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ سندس داد رسي ٿي وئي آهي. وڏي وزير سيد .مراد علي شاهه جي هدايت تي پورهيت جي مالي سهائتا لاءِ سندس پٽ کي ڪچي ملازمت ڏني وئي آهي جنهن جي پگهار 32 هزار رپيا آهي. صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري جي هدايت تي پورهيت علي اڪبر جمالي جي پٽ رضا محمد کي ڏهاڙي جي بنياد تي ايگزيڪٽو انجنيئر او اينڊ ايم زاهد حسين وساڻ پاران آرڊر ڏنو ويو. اهڙي پڌرائي پيپلزپارٽي جي آفيشل پيج تي جاري ڪئي وئي. ٻئي پاسي ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي به نابينا قلي جي پٽ لاءِ ريلوي ۾ نوڪري جو اعلان ڪيو، هن چيو ته هو جلد اڪبر علي جمالي سان وزارت ۾ ملاقات به ڪندو. ياد رهي ته نابينا قلي اڪبر علي جمالي ڪيترن سالن کان پنهنجي ننڍڙي ڌيءَ جي سهاري مسافرن جو سامان کڻي گذر سفر ڪندو رهيو آهي. هن سوشل ميڊيا وسيلي سهائتا جي مدد ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.