اسلام آباد(منيب فاروق)افواهه آهن ته موجوده نظام، جيڪو هن وقت جنهن طريقي سان هلي رهيو آهي، ان ۾ شايد ڪجهه تبديليون اچڻيون آهن ۽ ڪجهه شيون درست ٿيڻ گهرجن. ڪيترن ماڻهن ان بابت لکيو به آهي ۽ ڳالهه به ڪئي آهي.هتي هڪ ڳالهه خاص طور ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته هي حڪومتي نظام هائبرڊ ماڊل آهي. اڳ به ڪيترائي ماڻهو چوندا رهيا آهن ته اهڙو نظام گهڻي عرصي تائين نٿو هلي سگهي، ۽ بار بار اهو ئي دليل ڏنو ويندو رهيو آهي.اوھان ڪنهن به ماڻهوءَ سان ملندا، اهو چوندو ته “هي نظام اهڙيءَ طرح نٿو هلي سگهي.” ماڻهن ۾ جيڪو خوف آهي، ۽ اسٽيبلشمينٽ جي جيڪا تمام گهڻي طاقت آهي، اها ئي هن حڪومت کي هلائي رهي آهي. ڏنڊي جي زور تي حڪومت ڪيتري دير هلائي سگهجي ٿي؟ اهو سوال غلط ناهي.پر جيڪي ماڻهو ان نظام جي پٺيان موجود سببن ۽ محرڪن کي نٿا سمجهن، اهي ئي چوندا آهن ته “هي نظام ته ختم ٿيڻ وارو آهي.”مسلم ليگ (ن) جا ڪيترائي اڳواڻ ۽ حامي چون ٿا ته پي ٽي آءِ ۽ موجوده نظام گڏ نٿا هلي سگهن.جڏهن افواه ڦهلائيندڙن کان پڇيو ويو ته پارليامينٽ، ڪابينا ۽ حڪومت موجود هئڻ باوجود “گرين پلان” ڪيئن لاڳو ٿيندو؟ ته انهن وٽ ڪو مضبوط جواب نه هو، بس اهو چيو ويو ته پارليامينٽ هلندي رهندي، تبديليون بغير ڪنهن وڏِي ايڪشن جي ٿينديون، ۽ نظام آهستي آهستي ڊوڙڻ شروع ڪري ڏيندو.هن وقت اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت ۾ ڪا کليل جنگ نظر نٿي اچي. البت، سندن ترجيحون مختلف ٿي سگهن ٿيون. پي ٽي آءِ جي واحد اميد اها آهي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت ۾ تڪرار پيدا ٿئي. ۽ حڪومتي ڌرين جي خواهش اها آهي ته پي ٽي آءِ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ جنگ ڪڏهن ختم نه ٿئي، ۽ عمران خان جي سياست جو نالو نشان مٽجي وڃي.حڪومت مڪمل اعتماد ۾ آهي ته عمران خان يا پي ٽي آءِ لاءِ ڪا سياسي جاءِ پيدا نه ٿيندي.۽ جيستائين اها جاءِ نه ٺهي، تيستائين حڪومت کي ڪو خطرو ناهي.ملڪ ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي، حالتون وڌيڪ پيچيده ٿي رهيون آهن، ۽ سياست ۾ ڪا بهتري نظر نٿي اچي.اڳتي هلي، جي ايڇ ڪيو حملي واري ڪيس ۾ تيزي ايندي، ۽ ايندڙ ٻن کان ٽن مهينن ۾ عمران خان جي سزا جو امڪان آهي.اهو سڀ ڪجهه هن نظام کي مڪمل طور تي بند رکڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي، ته جيئن پي ٽي آءِ لاءِ ڪا به گنجائش نه رهي.