اسلام آباد(اسد طور )فارم 47 واري حڪومت جي ابتي ڳڻپ شروع ٿي وئي آهي،سهيل وڙائچ هڪ سينيئر صحافي آهي،پر اڄ هن جي هڪ ٻي سڃاڻپ به آهي هو محسن نقوي جو ويجهو دوست آهي.اسٽيبلشمينٽ جي شڪايت آهي ته حڪومت عمران خان کي “ٽوڙي” نه سگهيان ڪري ڊي جي آءِ ايس پي آر کي پاڻ اچي بيان ڏيڻا پيا اسٽيبلشمينٽ کي وچولي طبقي جاانگريزي ڳالهائيندڙسمارٽ ماڻهو پسند آهن مثال طور محسن نقوي،سرفراز بگٽي،منصور عثمان اعوان،بلال بن ثاقب آهن جيڪي نه جاگيردارنه پراڻي سياسي اشرافيه سان تعلق رکن ٿا،حڪومت ڇو بار بڻجي وئي؟سسٽم نه عمران خان کي ختم ڪري سگهيونه معيشت اڳتي وڌائي سگهيو،نه بي يقيني ختم ڪري سگهيو لڳي ٿو ته سهيل وڙائچ کي ضرور “ڪنهن نه ڪنهن طرفان اشارو” مليو هوندو.