حماس کان هٿيار ڇڏائڻ لاءِ غزا نه وينداسين:اسحاق ڊار

اسلام آباد (بيورو) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته اسان حماس کان هٿيار ڇڏائڻ نه وينداسين، ان حوالي سان سول ملٽري قيادت ۾ وڏي وضاحت آهي. پاڪستان رڳو امن جي قيام ۾ حصو وٺڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته افغانستان مان هزار عالمن جي ڪنهن به ملڪ خلاف دهشتگردي نه ڪرڻ واري فتويٰ سٺو سنوڻ آهي. افغانستان طرفان ان اعلان کانپوءِ اسان کي ان جا اثر ڏسڻا پوندا، اسان يو اين جا ڪنٽينر انساني بنيادن تي افغانستان وڃڻ جي اجازت ڏني. هن چيو ته اسان ماضي ۾ دهشتگردي ختم ڪري ڇڏي هئي، 40 هزار دهشتگرد واپس آيا ۽ ٻير دهشتگردي شروع ٿي وئي، دهشتگردي مان جان ڇڏائڻي پوندي. سندس چوڻ هو ته اسان برطانيا کي ڊيمارش ڪيو ۽ اهو بلڪل ٺيڪ ڪيو، ان ملڪ جي ذميواري آهي ته هو اهڙن ڪمن کي روڪي، يورپي يونين سان چئن سالن ۾ ڪو فعال رابطو ناهي ٿيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سندس چوڻ هو ته  ڏکڻ ايشيا ۾ 4 ڏينهن جي تڪرار ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي ٽيسٽ ٿي. پاڪستان 36 ڪلاڪن ۾ 80 ڊرون موڪليا ويا اسان 79 ڊرون ڪيرايا. ڀارت نور خان ايئربيس تي حملو ڪري وڏي غلطي ڪئي، جنگ ۾ پاڪستان جي فوج ڀارتي دعوائن ۽ غرور کي ڌوڙ ۾ ملائي ڇڏيو. پهلگام جي اوٽ ۾ ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي نشانو بڻايو، پلواما جي اوٽ۾ والاريل ڪشمير کي ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪئي.  هن چيو ته 2025 ۾ پاڪستان کي عزت ۽ وقار مليو، پاڪستان سفارتي سطح تي اڪيلو هو، پاڪستان جي هڪ ارب جي لائبيلٽي سيڙپڪاري ۾ تبديل ٿي ويندي، يو اي اي جي فوجي فائونڊيشن ۾ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي. هن چيو ته آمريڪي صدر 60 کان وڌيڪ ڀيرا دنيا کي پاڪستان جي فتح جو ٻڌائي چڪو آهي، آمريڪا سان واپار 13.28 ارب ڊالر ٿي ويو، آمريڪا هن سال بي ايل اي ۽ مجيد بريگيڊ کي عالمي دهشتگرد تنظيمون قرار ڏنو، الله پاڪستان کي عالمي برادري ۾ مقبوليت ڏني آهي. يو اي اي جي صدر جو دورو سٺو سنوڻ آهي. هن اهو به چيو ته جيستائين ڄمون ڪشمير مسئلو حل نه ٿيندو، خطي ۾ مستقل امن نٿو ٿي سگهي. سندس چوڻ هو ته بنگلاديش ۾ فيبروري ۾ چونڊون ٿينديون، چونڊن کانپوءِ کين انگيج ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.