سکر(رپورٽر)پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم ۽ پ پ اڳواڻ راجا پرويز اشرف سکر ائرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اتحادي پارٽيون ملڪ کي مصيبت مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن انارڪي جمهوريت جو خاتمو آهي. جتي انارڪي هوندي آهي، اتي ڪا به ترقي نه ٿيندي آهي.ملڪ ۾ اهڙو ماحول پيدا ڪيو وڃي جيڪو امن ۽ امان کي يقيني بڻائي،هن چيو ته منهنجو پي ٽي آءِ جي باني کي ڪنهن به جيل ۾ موڪلڻ جو ڪو به مطالبو ناهي.گورنر پنجاب سليم حيدر چيو ته احتجاج ڪرڻ پي ٽي آءِ جي مک غلطي آهي. جڏهن اهي جيل کان ٻاهر هوندا آهن، تڏهن به اهي احتجاج ڪندا آهن، هن چيو ته اسان جي صدر به چوڏهن سال جيل ۾ گذاريا بينظير ڀٽو پنهنجن ٻارن سان گڏ جيل کان ٻاهر ويٺي هئي هن ڪڏهن به ملڪ يا رياست خلاف نه ڳالهايو.