وزيراعظم پاران شهيد بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف اڳوني وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته بينظير ڀٽو پاڪستان کي پرامن، ترقي پسند ۽ جمهوري رياست بڻائڻ لاءِ قابلِ قدر قدم کنيا، بينظير ڀٽو جي شهادت جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ اسين پاڪستان جي عظيم ڌيءَ، سابق وزيراعظم بينظير ڀٽو شهيد جي ورسي ملهائي  رهيا آهيون، بينظير ڀٽو جمهوريت، عوامي حقن ۽ وفاقِ پاڪستان جي استحڪام لاءِ بي مثال جدوجهد ڪئي، بينظير ڀٽو جمهوريت ۾ رواداري ۽ هم آهنگي جهڙين مثبت قدرن کي هٿي ڏني ۽ سياسي عمل ۾ برداشت کي هٿي ڏني جيڪو ساراهه جوڳو عمل آهي، ملڪ ۽ قوم لاءِ بينظير ڀٽو جون خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون، هن چيو ته بينظير ڀٽو جي سياسي ورثي ۾ حب الوطني جو جذبو نمايان هو. هن عورتن جي ڪردار کي مضبوط بڻائڻ ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ به اهم قدم کنيا، بينظير ڀٽو جون قربانيون ۽ خدمتون قوم لاءِ مشعلِ راهه آهن، اسين ان عزم جو اعادو ڪريون ٿا ته رواداري، برداشت، قانون جي حڪمراني ۽ عوامي ڀلائي جي سفر کي اڳتي وڌايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.