ڪراچي ۾ شاگرد جو پوليس مٿان ڀُنگ لاءِ اغوا جو الزام

ملير (ڊ ر) ڪراچي ۾ هڪ شاگرد پوليس مٿان ڀنگ لاءِ اغوا ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي، ان سلسلي ۾ شاگرد حسنين جو چوڻ آهي ته  سُکڻ ٿاڻي جي پوليس جون ٽي موبائلون گهر پهتيون ۽ کيس زبردستي ٿاڻي کڻي وڃي ڏهه لک رپيا گهريا ويا، شاگرد حسنين موجب پوليس اهلڪار جبار ۽ سندس ساٿي نورا 50 هزار رپيا وٺڻ بعد صبح ڇهين وڳي کيس آزاد ڪيو، جڏهن ته سندس ذاتي سامان اڃا تائين ٿاڻي ۾ موجود آهي، سامان واپس ڏيڻ لاءِ پوليس وڌيڪ هڪ لک رپيا طلب ڪري رهي آهي، ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر نوجوان جيڪڏهن ٿاڻي اچي ته سندس سامان واپس ڪيو ويندو. ايس ايس پي واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته انڪوائري ايس پي ملير حوالي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته معاملي جي جاچ جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.