شهدادڪوٽ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ مڙس هٿان زال قتل

شهدادڪوٽ (رپورٽ: ثمر ڀٽي) شهدادڪوٽ ۾ چئن ٻارن جي ماءُ ڪارنهن الزام هيٺ مڙس هٿان قتل، اي سيڪشن  ٿاڻي جي حد ٽانوري شاخ لڳ پٺاڻ ڪالوني ۾ عبدالخالق عرف خالد سولنگي پنهنجي 30ورهين جي نوجوان زال ريشمان کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو۽ واقعي بعد فرار ٿي ويو، اهڙي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال کڻائي آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو، پوليس موجب جوابدار عبدالخالق عرف خالد سولنگي ٽانوري شاخ لڳ پٺاڻ ڪالوني ۾ پنهنجي سالن جي گهر ۾ رهندو هو جنهن ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي 30 ورهين جي زال چئن ٻارن جي ماءُ ريشمان کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو آهي ۽ واقعي بعد فرار ٿي ويو آهي جنهن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو ۽ نه وري پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري سگهي  هئي، ان حوالي سان سماجي عورت اڳواڻ ڊاڪٽر حسين مسرت واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم کي ختم ڪرڻ لاءِ قانون ته موجود آهي پر ان تي عمل نه پيو ٿئي جنهن ڪري روزانو سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن شهر ۽ ڳوٺ مان ڪارنهن الزام هيٺ عورتون قتل پيون ٿين، افسوس ان ڳالهھ جو آهي ته چئن معصوم ٻارڙن جي ماءُ کي غيرت جي نالي ۾ قتل ڪيو ويو آهي پر پوليس جوابدار مڙس کي گرفتار نه ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.