شهيد بينظير جا قاتل پنهنجي انجام تي پهچي چڪا آهن:مراد علي شاهه

سکر(رپورٽ: سيد نعيم شاھ+آزاد مهر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو وفد به اظهارِ يڪجهتي لاءِ آيوآهي، لاڙڪاڻي ۾ هڪ وڏي اسپتال جي سخت ضرورت هئي، جنهن کي نظر ۾ رکندي صحت جي شعبي ۾ اهم قدم کنيا ويا آهن، هن چيو ته سکر ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان ڪيترائي ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويا آهن، جڏهن ته وڌيڪ منصوبن جي به ضرورت آهي، هن  چيو ته پي ٽي آءِ جي باني جي جيل مان منتقلي بابت کيس ڪا به ڄاڻ ناهي۔ هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا سڌي ڳالهه ناهن ڪندا ۽ کين حقيقت پسندي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، وڏي وزير پرڏيهه ويٺل ملڪ کي بدنام ڪندڙ ماڻهن جي سخت مذمت ڪندي چيو ته کوکليون ڌمڪيون ڪنهن به نتيجي تي نٿيون پهچائين۔ هن ٻڌايو ته پرڏيهه مان ايندڙ ڌمڪين تي حڪومت ڪارروائي ڪئي آهي ۽ برطانوي حڪومت جي قائم مقام هاءِ ڪمشنر کي باضابطه ڊيمارش پڻ ڪيو ويو آهي۔ هن چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ سنڌ حڪومت نمايان قدم کنيا آهن ۽ هاڻي تائين ڏهه لک کان وڌيڪ گهر تعمير ٿي چڪا آهن، جڏهن ته وڌيڪ گهرن جي تعمير پڻ جاري آهي،هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جا قاتل پنهنجي انجام کي پهچي چڪا آهن ۽ صدر آصف علي زرداري سميت پوري پارٽي قاتلن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.