لاهور(بيورو)خيبر پختونخوا جو وڏو وزير سهيل آفريدي ٻن ڏينهن جي دوري تي لاهور پهچي ويو آهي، جتي پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) نئين تحريڪ جي شروعات ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، لطيف کوسه جي رهائشگاهه تي سندس شاندار آجيان ڪئي وئي، راوي ٽول پلازا تان گذرڻ کان پوءِ صحافين سان ڳالههائيندي سهيل آفريدي چيو ته جيتوڻيڪ کيس لاهور ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ملي وئي آهي، پر ساڻس گڏ ايندڙ گهٽ ۾ گهٽ ست گاڏيون روڪيون ويون آهن۔ هن چيو ته منڊي بهاالدين کان ايندڙ پارٽي ڪارڪنن کي ڀيره جي رستي لاهور وڃڻ کان روڪيو ويو، روڊ بند ڪري ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، جمهوري حڪومتون اهڙي قسم جا قدم ناهن کڻنديون۔ ٻئي پاسي پنجاب جي گهرو کاتي پاران سهيل آفريدي جي لاهور دوري دوران کين فول پروف سيڪيورٽي مُهيا ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، هو پنجاب اسيمبلي جي دوري دوران صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن سان ملاقات ڪندو، ۽ صحافين ۽ شاگردن سان پڻ ملاقاتون ڪندا۔ وزيرِاعليٰ خيبر پختونخوا ڪوٽ لکپت جيل جو به دورو ڪندا۔