اسلام آباد(زاهد گشڪوري) ڇا رٽائرڊ جنرلن ٻاهرين ملڪ فارم هائوس ڪيا آهن ؟ سوشل ميڊيا، يوٽيوب چينلز ۽ مختلف فورمز تي فوج جي گهٽ ۾ گهٽ ڏهن اهڙن جنرلن بابت مختلف خبرون ۽ ويلاگز نظر آيا آهن، جن تي چيو ويو آهي ته اهي ملڪ کان ٻاهر آهن، ڪجهه جنرلن آسٽريليا، نيوزي لينڊ، آمريڪا يا دبئي ۾ ٻيٽ خريد ڪري ورتا آهن، ۽ انهن جو خاندان به ٻاهر منتقل ٿي چڪو آهي۔ڪافي تحقيق کانپوءِ خبر پئي ته جنرل ساحر شمشاد پاڪستان ۾ موجود آهي، پنهنجي خاندان سان وقت گذاري رهيو آهي۔ رٽائر ٿيڻ کانپوءِ به ٻاهرين ملڪ وڃڻ جو ارادو نه آهي، هن جي ڪينيڊا وڃڻ يا شهريت وٺڻ واري خبر صحيح ناهي۔جنرل اشفاق پرويز ڪياني به راولپنڊي ۾ رهي پيو، آءِ ايس آءِ جو اڳوڻو سربراهه جنرل شجاع پاشا پاڪستان ۾ موجود آهي، اڳوڻو آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل احسان الحق اسلام آباد، چڪ شهزاد ۾ فارم هائوس ۾ رٽائرڊ زندگي گذاري رهيو آهي جنرل قمر جاويد باجوا به راولپنڊي ۾ رهي پيو۔ هوآخري ڀيرو يو اي اي (دبئي) سير تفريح لاءِ ويو هو، اڳوڻو آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل ظهير الاسلام اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ موجود آهي، پنهنجو پرائيويٽ بزنس ڪري پيو، هن جو خاندان به ٻاهرين ملڪ ناهي ويو، جنرل(ر)رضوان اختر بابت به سوشل ميڊيا تي جيڪي خبرون آهن اهي صحيح نه آهن.