اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم طرفان اپوزيشن کي ڳالهين جي آڇ کان پوءِ، اپوزيشن اتحاد حڪومت سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي۔ذريعن موجب محمود خان اچڪزئي، علامه ناصر عباس، ۽ مصطفيٰ نواز کوکر سميت اپوزيشن اتحاد جي قيادت ڳالهين واري ڪميٽي جو حصو هوندي۔ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جو ڪو به عهديدار مذاڪراتي ڪميٽي ۾ شامل نه هوندو، جڏهن ته اپوزيشن اتحاد ۾ اسد قيصر پارٽي جي نمائندگي ڪندو۔ذريعن مطابق مذاڪراتي ڪميٽي باقاعدي طور پنهنجو ايجنڊا جاري ڪندي، ان کان پوءِ رابطا ڪيا ويندا۔ان سان گڏ مذاڪراتي ڪميٽي ۾ ٻين جماعتن جي نمائندگي بابت به صلاح مشورا جاري آهن۔