راولپنڊي(م ڊ)چيف آف ڊفينس فورسز، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڪرسمس جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندي مسيحي برادري کي ڪرسمس جون واڌايون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو۔پاڪ فوج جي شعبي تعلقاتِ عامه (آءِ ايس پي آر) موجب، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير راولپنڊي جي ڪرائسٽ چرچ ۾ ڪرسمس جي تقريبن ۾ شرڪت ڪئي۔آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آرمي چيف مسيحي برادري سان خوشين جو هي موقعو گڏجي ملهايو، فيلڊ مارشل مسيحي برادري کي دل جي گهراين سان ڪرسمس جون واڌايون ڏنيون ۽ امن، هم آهنگي ۽ خوشحالي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو۔فيلڊ مارشل قائداعظم محمد علي جناح کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ باني پاڪستان جي مساوات، آزادي ۽ مذهبي رواداري واري ويزن کي اجاگر ڪيو۔فيلڊ مارشل جي ڪرسمس جي تقريبن ۾ شرڪت کي اقليتن جي حقن جي تحفظ سان جوڙيندي، ان کي پاڪستان جي نظريي جي بنيادي جزو قرار ڏنو ويو۔فيلڊ مارشل عاصم منير ڪرسمس جي تقريب ۾ شريڪ ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ قومي ترقي ۽ سلامتي ۾ پاڪستاني مسيحين جي خدمتن کي ساراهيو۔ هن بين المذهبي هم آهنگي، باهمي احترام ۽ اتحاد جي اهميت تي به زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان جي طاقت مساوي موقعن ۽ آئيني قدرن ۾ آهي، ۽ اهي مساوي موقعا ۽ آئيني قدر مذهب، نسل، ذات ۽ عقيدي کان مٿانهان آهن۔