لنڊن (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي خاص مددگار مرزا شهزاد اڪبر تي لنڊن ۾ حملو ڪيو ويو جتي هو اپريل 2022 کان پاڻمرادو جلاوطني ۾ ترسيل آهي. شهزاد اڪبر ان جي تصديق به ڪئي، سندس موجب، خميس تي مٿس حملو ٿيو ۽ هو اسپتال ويو، پوليس به ساڻس رابطو ڪيو، کيس ڌڪ لڳا آهن ۽ فريڪچر به ٿيو آهي. ٻئي پاسي تحريڪ انصاف جي ايڪس اڪائونٽ تان گذريل ڏينهن پوسٽ موجب شهزاد اڪبر تي صبح جي وقت ڪيمبرج ۾ سندس گهر تي حملو ڪيو ويو. پوسٽ ۾ چيو ويو ته حملي آور سندس چهري تي ٺونشا هنيا جنهن سبب سندس نڪ ۽ ڄاڙي ڀڄي پئي. پارٽي موجب، مقامي پوليس تفصيل ورتا ۽ جاچ ڪري رهي آهي.