شهزاد اڪبر پاران اداري تي حملي جو الزام؟

لاهور (امداد سومرو) حملي کان پوءِ شهزاد اڪبر جو پهريون بيان به سامهون آيو. هن چيو ته جيڪڏهن منهنجا خيال، سياسي تبصرو ۽ چهرو ڪنهن کي پسند ناهي ته اهو اهڙا بزدلاڻن حملن سان مون کي ڪمزور نٿو ڪري سگهي ۽ خاموش نٿو ڪرائي سگهي. هن اهو الزام اداري جي ترجمان تي لڳايو آهي، ڇو ته پريس ڪانفرنس ۾ هن سلائيڊ ڏيکاري هئي جنهن ۾ شهزاد اڪبر جي تصوير هئي جنهن تي هن چيو هو ته هن جي شڪل مون کي پسند ناهي ان کي هٽايو. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اهو به لکيو ته جيڪا منهنجي زخمي هجڻ واري تصوير پکيڙي پئي وڃي اها اي آءِ جي ٺهيل آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 26 ڊسمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.