ڪنهن به اقليتي سان ناانصافي تي قانون حرڪت ۾ ايندو: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم شهباز شريف اقليتي برادري کي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به اقليتي شهري سان  ناانصافي يا زيادتي ٿي ته قانون پوري قوت سان عمل ۾ آندو ويندو۔اسلام آباد ۾ ڪرسمس جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم اقليتن جي حقن جي تحفظ جي عزم کي ٻيهر ورجايو ۽ ڪرسمس جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو۔هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي فرمانن موجب پاڪستان ۾ هندن، عيسائين ۽ سکن سميت سڀني اقليتن کي مذهبي آزادي حاصل آهي،جيڪڏهن ڪنهن اقليتي شهري سان ناانصافي يا ظلم ٿيو ته قانون پوري طاقت سان حرڪت ۾ ايندو،هن وڌيڪ چيو ته ملڪ اسان سڀني جو گڏيل آهي، هتي سڀني جا حق برابر آهن، ۽ اقليتن سان ڪنهن به قسم جي زيادتي برداشت نه ڪئي ويندي۔هن چيو ته مئي مهيني ۾ جڏهن پاڪ فوج فيلڊ مارشل جي قيادت هيٺ دشمن کي شڪست ڏني ۽ ڀارت جا ست جهاز ڪيرايا، تڏهن قوم کي ايئر ڪموڊور سيسل چوڌري ياد آيو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.