اسلام آباد(راجا عاطف ذوالفقار)حڪومت سان ڳالهيون ڪجن يا نه؟پي ٽي آءِ ۾ اختلاف راءِ،ڪوٽ لکپت گروپ ڳالهين جو حامي،اڊيالا جيل گروپ پاران ڳالهين جي مخالفت،اڊيالا جيل گروپ ۾ عليمه خان ۽ سهيل آفريدي شامل آهن،پارٽي کي عليمه خان گروپ هاءِ جيڪ ڪري ورتو آهي،ڪوٽ لکپت گروپ ۾ شاهه محمود قريشي،ڊاڪٽر ياسمين راشد،عمر سرفراز چيما،اعجاز چوڌري شامل آهن جيڪي ڪوٽ لکپت جيل ۾ ئي قيد آهن،جڏهن ته پي ٽي آءِ جو چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان،بئريسٽر سلمان اڪرم راجا ۽ ٻيا به ڳالهين جا حامي آهن،تازو بئريسٽر گوهر،اسد قيصر،سينيٽر علي ظفر قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق ۽ وزيراعظم جي مشير راڻا ثناءُ الله سان رابطا ڪيا آهن ۽ مطالبو ڪيو آهي ته معاملا طئي ڪيا وڃن،ڳالهيون هميشه ڪجهه ڏيو ڪجه وٺو جي بنياد تي ٿينديون آهن،هن ڀيري بدقسمتي سان پي ٽي آءِ کي حڪومت کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه به ناهي،جڏهن ته حڪومت وٽ انهن کي ڏيڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي،تازي عرصي ۾ ٿيل هڪ ملاقات ۾ حڪومتي اڳواڻن پي ٽي آءِ قيادت تي واضح ڪيو ته عمران خان جي آزادي،هن جي ڪيسن،هن جي جيل مان منتقلي تي ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون،ان کان علاوه ٻين معاملن تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون،پي ٽي آءِ جو پارلياماني گروپ چوي ٿو ته اسان وٽ ڪو رستو ئي ناهي،اسان ته ايم ڪيو ايم لنڊن بڻجڻ وڃي رهيا آهيون،ذريعن موجب پي ٽي آءِ اڳواڻن جو هڪ ڳجهو اجلاس به ٿيو جنهن ۾ عليمه خان ۽ سهيل آفريدي گروپ ڳالهين جي مخالفت ڪئي،اهي مزاحمت جا حامي آهن جڏهن ته 80 سيڪڙو اڳواڻن جي راءِ آهي ته اسان جو اهو طريقو ٺيڪ ناهي،هائبرڊ رجيم وٽ عمران خان لاءِ ڪا به نرمي ناهي،نه اهو عمران خان سان ڳالهيون چاهي ٿو نه کيس رليف ڏيڻ جو ارادو رکي ٿو،جڏهن ته مسلم ليگ ن جي حڪومت اسٽيبلشمينٽ جي مرضي کان بنا عمران خان کي رليف نٿي ڏئي سگهي نه ئي ڏيندي،وزيراعظم پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي آڇ مائنس عمران خان ڏني آهي،حالانڪه عمران خان محمود اچڪزئي ۽ علامه ناصر عباس کي ڳالهين جو مينڊيٽ ڏنو آهي پر عليمه خان ان جي مخالفت ڪري رهي آهي،حڪومت به پي ٽي آءِ تي واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن توهان ڳالهيون چاهيو ٿا ته محمود اچڪزئي جي نالي تان هٿ کڻو،اچڪزئي تي اسٽيبلشمينٽ کي به اعتراض آهن،محمود اچڪزئي اينٽي اسٽيبلشمينٽ موقف رکندڙ اڳواڻ آهي،جڏهن ته هن وقت عالمي اسٽيبلشمينٽ جي پوري حمايت عمران خان کي حاصل آهي،هتي سوال اهو پيدا ٿئي ته پي ٽي آءِ حڪومت لاءِ مشڪلات پيداڪري سگهي ٿي،ان وٽ اسٽريٽ پاور آهي،جواب نه ۾ آهي،افغانين جي ملڪ مان نيڪالي کانپوءِ پي ٽي آءِ جي احتجاج ۾ ماڻهن جي شرڪت گهٽ ٿي وئي آهي،افغانين جي نيڪالي کانپوءِ پي ٽي آءِ ڪا به احتجاجي ريلي ناهي ڪڍي،ان سبب ڪري ئي عمران خان افغانين جي نيڪالي روڪڻ جو مطالبو ڪري رهي آهي
طاقت جو سرچشو درست نه هوندو ته ميثاق جمهوريت اجايو هوندو؟
اسلام آباد (منيب فاروق) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان وزيراعظم جي ڳالهين واري آڇ کي قبول ڪيو آهي. مصطفى نواز کوکر ٻڌايو آهي ته ڳالهه رڳو آئين ۽ نئين ميثاقِ جمهوريت تي ٿيندي. هاڻي سوال اهو آهي ته حڪومت ڇا پيش ڪندي؟ حڪومت پاڻ کي آئين مطابق چونڊيل قرار ڏئي ٿي ۽ چوندي آهي ته اسان جائز حڪومت آهيون، پنهنجو مدو پورو ڪنداسين. هو چوندا ته ڪهڙي آئين جي ڀڃڪڙي ٿي آهي؟ جيڪڏهن ڪجهه نقطا آهن ته انهن تي ڳالهائي سگهجي ٿي. حقيقت اها آهي ته نئون ميثاق جمهوريت لکڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي، اڳ به لکيو ويو هو. 2006 ۾ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن ميثاق جمهوريت تي صحيون ڪيون هيون، پوءِ 2008 ۽ 2009 جا واقعا سڀني ڏٺا. تنهنڪري رڳو ڪاغذن تي معاهدا لکڻ سان مسئلو حل نٿو ٿئي. اصل ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن بنياد درست نه هوندو، جيڪڏهن طاقت جو سرچشمو صحيح نه هوندو، ته پوءِ ڪيترا به صفحا لکي وٺو، نتيجو نٿو نڪري. جيڪڏهن واقعي جمهوريت کي اڳتي وڌائڻو آهي ته پوءِ اقتدار غير جمهوري طريقي سان حاصل ڪرڻ کان پاسو ڪرڻو پوندو. سول حڪومت کي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي، حڪمراني ڪرڻي پوندي ۽ اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهه ٻولهه ذريعي توازن پيدا ڪرڻو پوندو. حقيقت اها آهي ته پاڪستان ۾ مڪمل جمهوريت ڏانهن وڃڻ لاءِ اڃا به هڪ عبوري يا هائبرڊ بندوبست مان گذرڻو پوندو، جيتوڻيڪ اها تلخ حقيقت آهي. ڪجهه ماڻهو ان سان متفق نه هوندا، پر زميني حالتون اهڙيون آهن جو سڀ ڪجهه هڪدم نٿو بدلجي سگهي.
ڳالهيون ناڪام يا ڪو احتجاج ٿيو ته نشانو شهباز حڪومت بڻجندي؟
اسلام آباد (اسد طور) ڇا پي ٽي آءِ ۽ فوجي قيادت وچ ۾ نئون ٽڪراءُ وڌي رهيو آهي يا ڳالهين جو رستو کوليو پيو وڃي. وزيراعظم شهباز شريف پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي آڇ ڪئي آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ طرفان محمود خان اچڪزئي ذريعي ڳالهين لاءِ رضامندي ظاهر ڪئي وئي آهي. عمران خان به ڪجهه اختيار اڳواڻن کي ڏنا آهن ته هو ڳالهين بابت فيصلو ڪن. محمود اچڪزئي ڳالهين جي ڳالهه ڪندو نه ته سهيل آفريدي ٽڪراءَ واري حڪمت عملي تي هلندو. ٻئي پاسي عمران خان کي سزا ملڻ بعد احتجاج جو سڏ ڏنو ويو، جنهن سان سياسي گرمي وڌي وئي. ڪور ڪامنڊرز ٿي گذري، فوجي قيادت هن صورتحال تي سخت بيان ڏنا آهن ۽ چيو آهي ته دهشتگردي، ڏوهن ۽ سياست جي ڳٺ جوڙ قبول نه ڪئي ويندي، ۽ رياست خلاف ڪنهن کي به افراتفري پکيڙڻ جي اجازت نه ملندي. ان مان اهو تاثر ملي ٿو ته پي ٽي آءِ کي سڌي ريت خبردار ڪيو پيو وڃي. ساڳئي وقت حڪومت به دٻاءُ ۾ آهي، ڇو ته معاشي ڪارڪردگي ڪمزور آهي، شهباز شريف جا ڏينهن به ڳڻيا پيا وڃن، هو ڪڏهن فيلڊ مارشل ۽ ٻي قيادت کي بريفنگ ڏئي ٿو ته اسان سيڙپڪاري آڻينداسين، برآمد وڌائينداسين، پر سيڙپڪاري نٿي اچي ۽ عالمي سطح تي به فيصلا گهڻو ڪري فوجي قيادت ذريعي ٿين ٿا. شهباز شريف لاءِ چئلينج اهو به آهي جنهن تي اسٽيبلشمينٽ جا ماڻهو خوش نه آهن اهو آهي ته ته هو پي ٽي آءِ جي بيانيي جو توڙ ناهي ڪري سگهيو. نه ته ڊي جي آءِ ايس پي آر کي پريس ڪانفرنس نه ڪرڻي پوي ها. سياسي طور تي هي ڪجهه حاصل ناهن ڪري سگهيا، اهو اسٽيبلشمينٽ لاءِ وڏو بار آهي. ن ليگ اڃا تائين وينٽيليٽر تي آهي. گورننس نٿا هلائي سگهن، معيشت نٿا هلائي سگهن. آمريڪا سان لاڳاپن ۾ به آرمي چيف جي دوري کي ڏٺو پيو وڃي، ٽرمپ به فيلڊ مارشل جي تعريف ڪري ٿو. شهباز شريف جي ساک گهٽجي رهي آهي. شهباز شريف جو سمورو دارومدار فوجي قيادت تي آهي. ان جي ڪري شهباز شريف وٽ اهو آپشن آهي ته پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪجن ته جيئن عوام جي جيڪا ڪاوڙ جي شدت آهي ان کي گهٽائي سگهجي. شهباز شريف حڪومت لاءِ ضروري آهي ته هو پي ٽي آءِ سان ڳالهين ذريعي سياسي گرمي گهٽ ڪري، جيئن نظام هلي سگهي، ڳالهيون 2 کان 3 سال هلي وڃن. ڳالهيون ناڪام يا ڪو احتجاج ٿيو ته نشانو شهباز حڪومت بڻجندي؟ ڇو ته اهو سمجهيو ويندو ته هي اڳ ئي بار آهن، هنن کي فارغ ڪريو. ٻي خبر پنجاب سان لاڳاپيل آهي، جتي زمينن بابت نئون قانون آندو ويو آهي. ان قانون تحت خاص ٽربيونل ٺاهيا ويندا، جن تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عاليه نيلم اعتراض ڪيو آهي. هن قانون کي معطل ڪندي چيو آهي ته ان سان عدليه جي اختيارن تي اثر پوي ٿو. پاڪستان بار ڪائونسل به چيف جسٽس جي حمايت ڪئي آهي. ٻئي طرف ن ليگ ۽ ان جا حامي جج تي تنقيد ڪري رهيا آهن. ڪجهه صحافي ۽ وڪيل به حڪومت جي پاسي بيٺل نظر اچن ٿا. چيو پيو وڃي ته زمينن جي ڪيسن مان وڏا مفاد جڙيل آهن ۽ ڪجهه طاقتور حلقا نٿا چاهين ته اهو نظام ختم ٿئي. مجموعي طور صورتحال اها آهي ته ملڪ ۾ طاقت جا مرڪز پاڻ ۾ ٽڪراءَ جي حالت ۾ آهن، سياسي حڪومت ڪمزور آهي، فيصلا گهڻو ڪري اسٽيبلشمينٽ جي اثر هيٺ آهن، ۽ عدليه به ان ئي دٻاءُ واري ماحول ۾ ڪم ڪري رهي آهي.
حڪومت سان ڳالهين لاءِ ڪو شرط ناهي رکيو: مصطفيٰ کوکر
اسلام آباد (بيورو) مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته وزيراعظم جي آڇ تي اتحادين سان صلاح مشورا ڪيا ويا آهن. هن چيو ته هن وقت ملڪ شديد سياسي ۽ معاشي بحران مان گذري رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ جمهوريت جا در بند نه ٿيڻ گهرجن. اسان چاهيون ٿا ته حڪومت سان پارليامينٽ جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني بابت ڳالهه ٻولهه ٿئي. هن واضح ڪيو ته ڳالهين لاءِ اسان ڪو به شرط ناهي رکيو. اسد قيصر چيو ته پاڪستان ڳنڀير مسئلن جو شڪار آهي، معيشت متاثر آهي. 1973 جي آئين کي بحال ڪيو وڃي، عوام جي ووٽ جي حق کي تسليم ڪيو وڃي. ملڪ ۾ صاف شفاف اليڪشن نه ٿيندي ته ملڪ اڳتي نه وڌي سگهندو. هن چيو ته اسان شرط نه ايجنڊا ڏني آهي.
عمران خان ۽ سندس پارٽي ڳالهين لاءِ تيار ئي ناهن:راڻا ثناءُ الله
اسلام آباد بيورو) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان ۽ سندس جماعت ڳالهين لاءِ تيار ناهن۔هڪ بيان ۾ هن چيو ته باني پي ٽي آءِ ۽ سندس پارٽي نه رڳو ڳالهين لاءِ تيار ناهن، پر اهي سياسي ڊائلاگ تي به يقين نٿا رکن۔ اڳ به سندن رويو اهڙو ئي رهيو آهي۔ سياسي معاملن بابت صلاحڪار چيو ته هو(پي ٽي آءِ) محمود خان اچڪزئي جو نالو ان لاءِ وٺن ٿا ته جيڪڏهن ڪي به ڳالهيون يا مذاڪرات ٿيڻا آهن ته هو ئي ڪري۔ بيانن مان واضح ٿئي ٿو ته اهي ڳالهيون يا سياسي ڊائلاگ ڏانهن اچڻ نٿا چاهين، هن چيو ته آئين ۽ قانون پرامن احتجاج جو حق ضرور ڏئي ٿو،راڻا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ جو احتجاج اڄ تائين ڪڏهن به پرامن نه رهيو آهي۔ پي ٽي آءِ جا احتجاج فتنو، فساد، افراتفري ۽ انارڪي جو سبب بڻجن ٿا۔ پرامن احتجاج جي اجازت آهي، پر تشدد جي اجازت ناهي۔نون صوبن بابت ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته نوان صوبا جڏهن به ٺاهڻا ٿيندا ته اهي صرف نيشنل ڪميشن جي ذريعي ئي بڻايا ويندا۔ صوبن جي قيام کان اڳ حدبندين (بائونڊريز) جو تعين ڪيو ويندو آهي، ڪيترن ئي مسئلن تي غور ڪيو ويندو آهي، ۽ وسيلن ۽ آبادي جي حوالي سان ورهاست جو به فيصلو ڪيو ويندو آهي۔