قائداعظم کي جنم ڏهاڙي تي ڀيٽا، سڄي ملڪ ۾ تقريبون

ڪراچي / اسلام آباد (رپورٽر/ بيورو) قائداعظم محمد علي جناح جي 149هين سالگرهه جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ مختلف تقريبون ڪوٺايون ويون، سول، عسڪري قيادت توڙي شهرين قائداعظم کي خراج تحسين پيش ڪئي،  رپورٽن موجب ڏينهن جي شروعات اسلام آباد ۾ 31 توپن ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21 توپن جي سلامي سان ٿي، فجر نماز کان پوءِ مسجدن ۾ قائداعظم، ملڪ جي امن، خوشحالي ۽ ترقي لاءِ خاص دعائون ڪيون ويون، جڏهن ته ڪراچي ۾  قائداعظم جي مزار تي گارڊز جي تبديلي جي تقريب پڻ ٿي، وزيراعظم شهباز شريف پيغام ۾ چيو ته هي ڏينهن قائداعظم جي رهنمائي وارن اصولن، جمهوريت، آئين جي بالادستي، سماجي انصاف، مذهبي هم آهنگي، مساوات ۽ قانون جي حڪمراني تي ٻڌل فلاحي رياست جي ويزن سان وابستگي جي تجديد جو موقعو فراهم ڪري ٿو. ايمان، اتحاد ۽ نظم و ضبط جا دائمي اصول اسان جي قومي طاقت جو بنياد آهن ۽ ايندڙ نسلن لاءِ مشعلِ راهه آهن، صدر آصف علي زرداري به قائداعظم کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته قائداعظم جي قيادت، ويزن ۽ اصول اڄ به قوم کي پيش ايندڙ چئلينجز ۾ رهنمائي ڪن ٿا، جمهوري ۽ جامع قدرن سان وابستگي کي ٻيهر مضبوط ڪيو وڃي، جمهوريت، انصاف ۽ مساوات اسان جي قومي سمت جو مرڪز هجڻ گهرجن ۽ ادارن ۽ فيصلن جي بنياد بڻجڻ گهرجن، عسڪري قيادت پڻ قائداعظم کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو، آءِ ايس پي آر موجب چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير، نيوي چيف ايڊمرل نويد اشرف ۽ ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو قائداعظم کي سلام پيش ڪيو، پاڪستان جون هٿياربند فوجون ايمان، اتحاد ۽ نظم و ضبط جي اصولن تي ٻڌل مضبوط، خودمختيار، جمهوري ۽ خوشحال پاڪستان بابت قائداعظم جي ويزن سان پنهنجي غير متزلزل وابستگي جو ورجاءُ ڪن ٿيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.