لاهور (ارشاد ڀٽي) اڄ قائداعظم جو پاڪستان به سخت زخمي آهي. 25 ڪروڙ آبادي، تباهه معيشت، قرضن ۾ ٻڏل ملڪ، اشرافيا جون عياشيون، عام ماڻهو جانورن جهڙي زندگي گذارڻ تي مجبور. آئين، جمهوريت، پارليامينٽ، عدليا، ووٽ جي عزت، بنيادي انساني حق، آزاد صحافت، سڀ ڪجهه ڪمزور ٿي چڪو آهي. دهشتگردي، مهانگائي، بيروزگاري عام آهي. جيڪڏهن قائداعظم اڄ زنده هجي ها ته ملڪ جي حالت ڏسي ڏک ٿئيس ها. جن ماڻهن گذريل 30 کان 45 سالن کان هن ملڪ تي حڪمراني ڪئي آهي، اهي ئي ”بنارسي ٺڳ“ آهن، جن ملڪ کي هتي پهچايو آهي. بلوچستان اڃا به بارود تي بيٺل آهي، خيبرپختونخوا دهشتگردي ۾ وڪوڙيل آهي، ڏکڻ پنجاب پوئتي رهجي ويو آهي، گلگت بلتستان اڃا تائين بنيادي حقن کان محروم آهي، ڪشمير جا ماڻهو بار بار روڊن تي نڪرن ٿا، سنڌ ۾ به حالتون سڀني جي سامهون آهن. قائداعظم هي ملڪ انهن حالتن لاءِ نه ٺاهيو هو. هن ۽ لکين ماڻهن قربانيون ڏنيون، لڏپلاڻ ڪئي، عزتون لٽيون ويون، جانيون ويون، پر ملڪ ٺاهيو ويو ته جيئن ماڻهو عزت سان جي سگهن. اڄ اهي ئي قرباني ڏيندڙ طبقا مهانگائي، بيروزگاري ۽ ظلم هيٺ پيسجي رهيا آهن. اڄ قائداعظم پاڪستان ۾ رڳو ٻن هنڌن تي نظر اچي ٿو، هڪ مزار قائد تي، ۽ ٻيو نوٽن تي لڳل تصوير ۾. ان کانسواءِ نه سندس سوچ نظر اچي ٿي، نه نظريو، نه تعليمات، نه منشور. اڄ به جيڪڏهن ڪنهن کي ليڊر سڏڻ ۾ فخر ٿئي ٿو ته اهو فقط قائداعظم آهي. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته جيڪي پاڪستان جا مخالف هئا، اڄ اهي عيش ۾ آهن، ۽ جن قربانيون ڏنيون، اهي اڄ به تڪليفن ۾ آهن. اڄ به اهو پاڪستان، قائداعظم جو پاڪستان ناهي. گذريل ڏينهن قائداعظم جو يومِ ولادت هو. ڏک ۽ شرمندگي سان، پر شڪرگذاري سان اهو چوڻو پوي ٿو ته جيڪڏهن قائداعظم ۽ سندس ساٿين قربانيون نه ڏين ها ته اسان وٽ پنهنجو ملڪ، پنهنجو آسمان به نه هجي ها. هن پنهنجو فرض نڀايو، افسوس اهو آهي ته اسان پنهنجو فرض نڀائي نه سگهياسين.