ايران پنهنجي 45 هزار شهرين کي قتل ڪيو: آمريڪي بچاءُ وارو وزير

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسٿ چيو آهي ته اسان جو مقصد چٽو آهي ته ايران ڪنهن به صورت ۾ ائٽمي هٿيار نٿو ٺاهي سگهي، ايران وٽ هڪ سٺو معاهدو ڪرڻ جو موقعو موجود آهي.
پنهنجي بيان ۾ پيٽ هيگسٿ دعويٰ ڪئي ته ايران پنهنجي 45 هزار معصوم مظاهرين کي قتل ڪيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته هرمز واري پٽي تي اسان جو مڪمل ڪنٽرول آهي ۽ هي ناڪابندي عالمي سطح تائين پکڙجي وئي آهي، ناڪابندي کان اڳ ايراني بندرگاهن تان نڪرندڙ ”ڊارڪ فليٽ“ جا ٻه جهاز قبضي ۾ ورتا ويا.
آمريڪي وزير موجب، ايران وٽ ڳالهين جي ميز تي ڏاهپ سان فيصلو ڪرڻ جو کليل موقعو آهي، ناڪابندي جيستائين ضرورت هوندي برقرار رهندي ۽ هرمز مان هينئر تائين 34 سامونڊي جهازن کي واپس موڪليو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.