تهران/اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري خطي جي صورتحال ۽ جنگ بندي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، عباس عراقچي پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير سان ڌار ڌار ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران دوران خطي جي صورتحال ۽ جنگ بندي بابت معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي ايراني هم منصب جو فون آيو هو.
ترجمان موجب، اسلام آباد طرفان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ رابطن لاءِ جاري سفارتي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
اسحاق ڊار مسئلن جي حل لاءِ مسلسل ڳالهين جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ فوري اڳڀرائي لازمي آهي.
ترجمان جو چوڻ هو ته عباس عراقچي پاڪستان جي تعميري ۽ هاڪاري ڪردار جي واکاڻ ڪئي ۽ ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.
ياد رهي ته پاڪستان طرفان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ بندي ڪرائڻ لاءِ مسلسل ڪوششون جاري آهن.
وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير ان سلسلي ۾ آمريڪا ۽ ايران سميت مختلف ملڪن سان مسلسل رابطي ۾ آهن.
ايراني پرڏيهي وزير جا اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير سان رابطا، اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه
You might also like