پاڪستان گڏيل عرب امارات کان قرض طور ورتل سموري رقم واپس ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان گڏيل عرب امارات طرفان ڊپازٽ طور ڏنل سموري رقم واپس ڪري ڇڏي آهي.
اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان موجب، گذريل ڏينهن گڏيل عرب امارات کي هڪ ارب ڊالر واپس ڪيا ويا.
مرڪزي بينڪ موجب، گذريل هفتي يو اي اي کي 2.45 ارب ڊالر به واپس ڪيا ويا هئا.
اسٽيٽ بينڪ موجب، گڏيل عرب امارات کي ڪل 3.45 ارب ڊالر جا سمورا ڊپازٽ واپس ڪيا ويا آهن.
ٻئي پاسي سعودي عرب پاڪستان کي 3 ارب ڊالر فراهم ڪري ڇڏيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.