ايراني قوم جي اتحاد دشمن ۾ ڏار وجهي ڇڏيا آهن: سپريم ليڊر

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني سپريم ليڊر آيت الله مجتبيٰ خامنه اي ايراني قوم جي غير معمولي اتحاد کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي.
پنهنجي بيان ۾ سپريم ليڊر چيو ته ايراني قوم جي اتحاد دشمن جي صفن ۾ ڏار وجهي ڇڏيا آهن، هي بي مثال ٻڌي اهڙن عنصرن کي ڊانواڊول ڪري رهي آهي جيڪي ايران کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا.
مجتبيٰ خامنه اي خبردار ڪيو ته دشمن جي ميڊيا ڪارروائيون عوام جي ذهنن ۽ نفسيات کي نشانو بڻائي قومي اتحاد ۽ سلامتي کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿيون، ايراني قوم دشمن کي سندس ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.