ڳڙھي خيرو (ن ع آ) ڳڙهي خيرو ھندو برادري کي ملندڙ ڌمڪين ، ڀتي جي لاء ملندڙ پرچين ۽ عدم تحفظ خلاف ڳڙھي خيرو ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي، ڌرڻي ۾ ايم پي اي ڳڙھي خيرو ميرممتاز خان جکراڻي، ميرمحمد صلاح خان شھلياڻي، مير عبدالقادرخان بليدي، سردار ريحان خان بليدي، مير محبوب خان جمالي سميت وڏي تعداد ۾ سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي، رات دير سان شھري اتحاد ۽ واپاري ايسوسيئيشن جي سڏ تي مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي ۽ ھندو برادري ۽ شھر جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شھرين پاران شھر جي مين پنج چوڪ وٽ احتجاجي ڌرڻو ھڻي ڪئمپ قائم ڪري ورتي ،جنھن ۾ ھندو اڳواڻن سيٺ پپو مل،جيپال داس،مھيندر ڪمار،انوپ ڪمار، مڪيش ڪمار سان گڏ شھر جي مختلف تنظيمن جي اڳواڻن جسقم جي گھران لھر،ديدار علي عمراڻي،جي يو آء جي مولانا سليم الله بروھي،مولانا اسدالله حيدري،قومي عوامي تحريڪ ڪامريڊ جاويد جمالي،پ ٽ الف جي استاد شھزاد ڀٽي سميت واپاري اڳواڻن محبوب جمالي،حاڪم عمراڻي،ڪريانہ ايسوسييئشن جي صدر سميت ڪيترن ئي شرڪت ڪئي،ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسان جي تعلقي ڳڙهي خيرو ۾ حد کان وڌيڪ بدامني لڳي پئي آهي ۽ چوري جون وارداتون ھر روز پيش اچن ٿيون،اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته بدامني کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پوليس جي ڪابه ڪارڪردگي نظر ڪانه هئي اچي،احتجاجي ڪئمپ ۾ پ پ ايم پي اي ممتاز جکراڻي ۽ علائقي جي معزز شخصيت مير محمد صلاح شھلياڻي ۽ سردارزدہ ريحان بليدي پھتا ۽ ھندو برادري سان ھمدردي ۽ يڪجهتي جو اظھار ڪيو ويو،ان موقعي تي ايم پي اي ممتاز جکراڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڌاڙيلن طرفان ھندو واپارين کي ملندڙ ڀتي وارين پرچين جي سخت مذمت ڪيان،ھن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڳڙھي خيرو جي ھندو برادري سان اھو مسئلو ڪافي وقت کان ھلندڙ آھي جنھن جو آواز سنڌ اسيمبلي ۾ پڻ اٿاريو ويو ھو، ھن جو وڌيڪ چوڻ هو ته مان اڄ ان سلسلي ۾ گھرو وزير ضيا لنجار سان پڻ ڳالھايو آھي،ھن جو چوڻ ھو ته امن ھر شھري جو حق آھي ۽ ان تي ڪنھن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي،محمد صلاح شھلياڻي جو چوڻ ھو ته اسان کي ترقياتي ڪم نه کپن اسان کي علائقي ۾ امن ڪرائي ڏنو وڃي،ھن جو چوڻ ھو ته امن کان سواء ترقي نه ممڪن آهي،ھندو برادري ھميشه ڪاروباري رھي آھي انھن کان ڀتي لاءِ پرچيون ڪريل عمل آهي