لنڊن(عوامي آواز رپورٽ)پاڪستان ۾ جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پٽن، قاسم خان ۽ سليمان خان، چيو آهي ته کين برطانوي حڪومت طرفان آگاهه ڪيو ويو هو ته جيڪڏهن هو پاڪستان ويندا ته کين ڪنهن به قسم جو تحفظ فراهم نه ڪيو ويندو.” صحافي مهدي حسن کي ڏنل انٽرويو ۾ سليمان خان چيو ته برطانوي حڪومت هن صورتحال تي نه ڪا مزاحمت ڪئي ۽ نه ئي ڪو فعال ڪردار ادا ڪيو آهي.قاسم خان چيو ته،منهنجو خيال آهي ته اهي پنهنجا هٿ گندا نٿا ڪرڻ چاهين.”هنن چيو،انهن اسان کي چيو ته پاڪستان نه وڃو. انهن چيو ته جيڪڏهن اسين پاڪستان وينداسين ته انهن جي طرفان اسان کي ڪو به تحفظ نه ڏنو ويندو، خاص طور تي جيڪڏهن اسان کي گرفتار ڪيو ويو.”سندن چوڻ هو ته،عام طور اها اميد هوندي آهي ته والد سان ملاقات لاءِ پاڪستان ويندڙ ٻه برطانوي شهري هجن ته سندن خيال رکيو ويندو.”جڏهن کانئن پڇيو ويو ته ڇا عمران خان جلاوطني قبول ڪندو، ته سندس پٽن چيو ته سندن والد سياسي سرگرمين تي پابندي قبول نه ڪندو.