عليما خان گروپ جي سهيل آفريدي کي گنڊاپور جيان هٽائڻ جي رٿ؟

اسلام آباد (حماد حسن) عليما خان ڳالهين جي سخت مخالفت ڪئي، جڏهن ته عمران خان پاڻ ڳالهين بابت ڳالهائي چڪو هو. محمود خان اچڪزئي کي اپوزيشن ليڊر نامزد ڪيو ويو، بيرسٽر گوهر کي پارٽي چيئرمين بڻايو ويو ۽ سهيل آفريدي کي وزيراعليٰ بڻايو ويو. انهن ٽنهي تي عمران خان اعتماد ڪيو. جڏهن مفاهمت ۽ ڳالهين جو بيانيو سامهون آيو ته عليما خان ان جي مخالفت ڪئي. ان کان پوءِ پي ٽي آءِ جو سوشل ميڊيا اچڪزئي، بيرسٽر گوهر ۽ سهيل آفريدي خلاف سرگرم ٿي ويو. چيو پيو وڃي ته پارٽي اندر هڪ نئين ورهاست جنم وٺي رهي آهي. جيئن اڳ گنڊاپور کي اوچتو هٽايو ويو، اهڙي ئي رٿ سهيل آفريدي بابت به ٻڌائي وڃي ٿي. ڪجهه ذريعن موجب پردي پٺيان مينا خان آفريدي جي اهميت وڌي وئي آهي، سهيل آفريدي سان سندس واسطو اهو ناهي جيڪو اڳ هو. ڪجهه ماڻهو عليما خان جي ويجهو آهن ۽ وقت اچڻ تي قدم کنيا ويندا.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 24 ڊسمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.