ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ ريبيز ڪنٽرول پروگرام سنڌ جي حوالي سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ سمورن ڊويزنل ڪمشنرن، صحت کاتي، لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ، انڊس اسپتال ۽ ٻين لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز جي نمائندن شرڪت ڪئي، اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ريبيز هڪ موذي وائرل بيماري آهي جيڪا اڪثر متاثر ڪتن جي چڪ پائڻ سان پکڙجي ٿي. عالمي سطح تي هر سال تقريبن 59 هزار ماڻهو ريبيز سبب فوت ٿي ويندا آهن، جڏهن ته پاڪستان ۾ ساليانو 2 هزار کان 5 هزار فوتگيون رپورٽ ٿين ٿيون. سنڌ کي ان حوالي سان هڪ "هائي رسڪ” صوبو قرار ڏنو ويو، جنهن کي نظر ۾ رکندي مضبوط، مستقل ۽ اثرائتن قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي، اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ 250 ريبيز جي علاج ۽ بچاءُ جا مرڪز قائم ڪري ڇڏيا آهن، جتي متاثرن کي فوري طور تي ويڪسين ۽ هنگامي طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. ان کان سواءِ 20 وڌيڪ ريبيز مرڪز قائم ڪرڻ جو عمل جاري آهي، جنهن سان ضلعن ۽ تعلقن جي سطح تي عوام کي زندگي بچائيندڙ سهولتن تائين وڌيڪ بهتر رسائي حاصل ٿيندي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته انهن مرڪزن کي مرحليوار بنيادن تي اپ گريڊ ڪيو ويندو، جتي بهتر سهولتون ۽ معياري طريقيڪار ۽ خدمتن کي يقيني بڻايو ويندو. اجلاس ۾ احتياطي قدمن بابت ٻڌايو ويو ته ريبيز ڪنٽرول پروگرام سنڌ تحت آواره ڪتن جي ويڪسينيشن، نس بندي، نگراني ۽ آبادي تي ضابطو آڻڻ لاءِ 20 خاص RCPS مرڪز قائم ڪيا پيا وڃن. ڪراچي جي ضلعن ڏکڻ، سينٽرل، اوڀر، اولهه، ڪورنگي ۽ ڪيماڙي ۾ ڇهه مرڪز مڪمل طور تي فعال آهن، جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن جي ضلعي مٽياري ۾ هڪ مرڪز ڪم ڪري رهيو آهي، اجلاس کي خطاب ڪندي چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه چيو ته ريبيز کان انساني جانين جو تحفظ سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. هن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته ويڪسينيشن ۽ نس بندي جي عمل ۾ تيزي آندي وڃي، ريبيز مرڪزن جي بھتر ڪارڪردگي ۽ اپ گريڊيشن کي يقيني بڻايو وڃي.