ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ ممتازسنڌي) ڪنڌ ڪوٽ جي ڪچي ڀنر واري علائقي ۾ سندراڻي برادري جو پاڻ ۾ جيھڙو تيز ٿي ويو، هڪ نوجوان قتل ٿيو، هڪ نوجوان جي زخمي ٿيڻ جا طلاع، ڪنڌ ڪوٽ ڀنر واري علائقيپوليس ٿاڻي گھوڙا گھٽ جي حد ۾ سندراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار سبب ھڪ ڄڻو شفيع محمد عرف بابو سندراڻي قتل ٿي ويو، جڏھن ته ھڪ ڄڻو زخمي ٿيڻ جو اطلاع آهن، ٻنھي ڌرين ۾ رستي کان گذر سبب تڪرار شروع ٿيو ھو جنھن سبب ھي واقعو پيش آيو ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويون خبر فائيل ٿيڻ تائين پوليس ۽ وارث لاش اسپتال کڻي نه آيا آهن.