ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر ) سنڌ جي ماحولياتي تحفظ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته ڪراچي جي سمنڊ کي مسلسل پوئتي ڌڪي ان مٿان قبضو ختم ڪرائي اتي رهائشي منصوبن جو خاتمو آندو وڃي، سمنڊ ۾ ڪراچي شهر لکين گيلن گندو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ تي پابندي لڳائي وڃي، دفاعي بجيٽ گهٽائي ماحولياتي گدلاڻ جي خاتمي جي بجيٽ وڌائي وڃي، سامراج جي هدايت تي غزا ۾ فوج نه موڪليو وڃي، 27هين ترميم جو خاتمو ڪري ملڪ ۾ جمهوريت کي مستحڪم بڻائيو وڃي، موسمي تبديلين جي نقصانن کان بچاءُ لاءِ عالمي ماحولياتي معاهدن تي عمل ڪيو وڃي، عالمي ۽ ملڪي ليول تي جنگي سوچ ۽ فوجي هٿيارن جي تجربن کي ختم ڪيو وڃي، سنڌ جو پاڻي بند ڪري انڊس ڊيلٽا جي ماحولياتي تباهي جي سازش ختم ڪئي وڃي، ڪارپوريٽ فارمنگ جو منصوبو ختم ڪري سرڪاري زمين هارين ۾ ورهائي وڃي، ڪارونجهر ۽ ٻين جبلن جي ڪٽائي ۽ زمينن تان قبضا ختم ڪيا وڃن مهاڻن جي روزگار جا بند رستا کوليا وڃن، ڪراچي شهر جي عوامي باغن مٿان واپاري مقصد وارا قبضا ختم ڪيا وڃن، اها ڳالهه ڪالهه شام جو ڪراچي شهر جي سول سوسائٽي طرفان منعقد ٿيل مارچ ۾ تقريرون ڪندي ڪئي وئي، ان موقعي تي نامور ڪلاسيڪل ناچڻي ۽ ماحولياتي مارچ جي اڳواڻ شيما ڪرماني چيو ته ڪراچي شهر جو قدرتي ماحول خراب ڪرڻ لاءِ سمنڊ تي قابض اداري پنهنجي واپاري سرگرمين ۽ منافعي لاءِ ان کي پوئتي ڌڪي ان مٿان رهائشي منصوبا اڏي سمنڊ جي پاڻي ۾ ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي نالا کوٽي سمنڊ ۾ گندو پاڻي نيڪال ڪرڻ جي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن خلاف سنڌ جو ماحوليات کاتو ۽ سنڌ حڪومت ڪنڌ هيٺ ڪري خاموشي سان سمنڊ، ان ۾ موجود جيوت ۽ شهر جي ماحولياتي تباهي ۾ برابر جا شريڪ آهن، اسان مطالبو ڪيون ٿا ته سمنڊ مٿان ماحول دشمن منصوبا ختم ڪيا وڃن، سول سوسائٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر عذرا چيو ته عالمي سامراج پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ماحولياتي تباهي آڻڻ جو ذميوار آهي، پاڪستان جو سرمائيدار، جاگيردار ۽ فوجي جرنيل سامراج سان گڏ بيٺل آهن، دنيا ۾ جيستائين جنگين جو خاتمو ۽ مهلڪ هٿيارن جا تجربا بند نه ٿيندا، ڌرتيءَ تان گرمي جو وڌندڙ ٽيمپريچر نه گهٽبو ،ملڪ جي فوج کي سامراج جي هدايت تي غزا نه موڪليو وڃي، دفاعي بجيٽ گهٽائي ماحولياتي تباهي جي روڪٿام جي بجيٽ وڌائي وڃي، عالمي سامراج جا مالياتي ادارا موسمي تبديلي جي نقصانن تي به قرض ڏئي منافعو ڪمائي رهيا آهن ۽ انهن سان قرضن وٺڻ جي معاهدن ۾ رکيل عوام دشمن شرطن کي ختم ڪيو وڃي، مزدور اڳواڻ ناصر منصور چيو ته عالمي سامراج جي اشاري تي ملڪ تي قابض حاڪم ٽولا سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪري ڪارپوريٽ فارمنگ جي منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهن، انهن سموري سنڌ سميت ملڪ جي ماحولياتي تباهي جي منصوبن تي ڪم شروع ڪري ڏنو آهي، سنڌ جي هاري جي تباهي لاءِ سنڌو مان وڌيڪ ڪئنال کوٽي سنڌ جو پاڻي بند ڪري انڊس ڊيلٽا کي تباهه ڪرڻ جي سازش سٽي آهي، مهاڻن جي اڳواڻ سعيد بلوچ چيو ته ڪراچي جو 65 گيلن ڪروڙ گدلو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، سامونڊي اقتصاديات جي نالي ۾ قديم مهاڻن جي روزگار جا رستا بند ڪيا پيا وڃن سول سوسائٽي جي اڳواڻ راشا چيو ته ڪراچي جي عوامي باغن ۽ راندين جي ميدانن کي واپاري سرگرمين لاءِ ڪرائي تي ڏئي شهر جو ماحولياتي چهرو مسخ ڪيو پيو وڃي، شهر جا باغ شهر جا ڦڦڙ آهن، انهن کي بچايو وڃي، ان موقعي تي ڪامريڊ زهره ،آفاق ڀٽي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي حڪمرانن کي ان ڳالهه جي پرواهه نه آهي ته ڪراچي شهر سميت سموري سنڌ جي قدرتي ماحول ۾ روزانو زهر ڦهلجي رهيو آهي، نيشنل پارڪ جي زمين تي قبضو ٿي رهيو آهي، سنڌ جو پاڻي بند ڪري سنڌ ۾ ڏڪر جي صورتحال پيدا ٿي رهي، هنن مطالبو ڪيو ته ڪوئلي ڪڍڻ سميت سمورا ماحول دشمن منصوبن جو خاتمو آندو وڃي.