ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سون جو اگهه پاڪستان ۽ عالمي سطح تي تاريخي بلندي تي پهچي ويو.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 6 هزار 200 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 4 لک 62 هزار 362 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 5 هزار 315 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 96 هزار 400 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 62 ڊالر واڌ سان 4400 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.
You might also like