اسلام آباد (بيورو) حڪومتي ترجمان مشرف زيدي چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ جي ڀيڻ گذريل ڏهن ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا عمران خانسان ملاقات ڪري چڪي آهي ۽ عمران خان جي پٽن جا بيان درست نه آهن، پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ۾ مشرف زيدي چيو ته ان معاملي ۾ باني پي ٽي آءِ جي ڀيڻ وڌيڪ بهتر آگاھ ٿي سگهي ٿي، ڇو ته گذريل ڏهن ڏينهن دوران هوءَ ٻن دفعا ان سان ملاقات ڪري چڪي آهي، مشرف زيدي ٻڌايو ته باني پي ٽي آءِ لڳ ڀڳ 860 ڏينهن کان قيد ۾ آهي ۽ ان دوران هُن پنهنجي ڀينرن سان 137 کان 140 ملاقاتون ڪيون آهن، حڪومتي ترجمان چيو ته باني پي ٽي آءِ کي سوا 3 هفتا ڪنهن سان ملڻ جي اجازت نه هئي، ڇو ته هر ملاقات دوران سيڪيورٽي جا وڏا مسئلا پيدا ٿيندا هئا ۽ انهن جون پنهنجي وڪيلن يا ڪٽنب سان ملاقاتون سياسي روپ اختيار ڪري وٺنديون هيون.مشرف زيدي ياد ڏياريو ته پاڪستان ۾ سياسي ۽ انتظامي عدم استحڪام جو تسلسل رهيو آهي، جنهن جي مثال ماضي ۾ پڻ ملندي آهي، هن پڻ بيان ڪيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي زال جي فوت ٿي وئي ته ان دوران نواز شريف جيل ۾ هئ، جڏهن ته ملڪ ۾ ان وقت وزيراعظم عمران خان جي حڪومت هئي.