وفاق طرفان پينشن ۽ پگهار هڪ ئي وقت کڻڻ تي لاڳو پابندي ختم

اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت پينشن ۽ پگهار هڪ ئي وقت کڻڻ تي لاڳو پابندي ختم ڪري ڇڏي. حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پينشن ڪيسن ۾ 22 اپريل ۽ 19 جون جا آفيس ميمورنڊم فوري طور ختم ڪيا ويا آهن، رٽائرمينٽ کانپوءِ ٻيهر ملازمت تي پينشن ۽ پگهار ٻئي بحال ڪيا ويا آهن. نئين نوٽيفڪيشن ۾ ناڻي واري وزارت طرفان ٻيهر ملازمت بابت حڪم واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ رٽائرڊ آفيسرن کي ٻيهر ملازمت تي مڪمل مالي مراعتون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، فاقي حڪومت طرفان ڊبل بينيفٽ اسڪيم بحال ڪئي وئي آهي، جنهن تحت ٻيهر مقرر رٽائرڊ ملازم پگهار ۽ پينشن به کڻندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.