عمران جي ڪو ضمانت لاءِ تيار ناهي،نوازشريف ڪردار ادا ڪري\سعد رفيق

لاهور(بيورو)پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجاسعد رفيق چيو آهي ته  پاڪستان کي نئين ميثاق جمهوريت جي ضرورت آهي،جهڳڙا ۽ فساد ڪڏهن به ملڪ کي اڳتي نٿا وٺي وڃن، ووٽ جي طاقت تي اعتماد کي بار بار مجروح ڪيو پيو وڃي۔لاهور ۾ شهيد خواجا رفيق جي ورسي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته عمران خان جي ڪو به ضمانت لاءِ تيار ناهي،نوازشريف کي ڪردار اداا ڪرڻو پوندو، نوازشريف وڏو آهي،هن چيو ته صوبن جي وچ ۾ اهڙي نفرت اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي، پنجاب کي نفرت جو مرڪز بڻايو ويو آهي، فيصلا ڪٿي ٻئي هنڌ ٿين ٿا ۽ گاريون پنجاب وارن کي پون ٿيون۔ اسان اوڀر پاڪستان جي سانحي مان سبق نه سکيو آهي،هن چيو ته معاشي ۽ سماجي ترقي کانسواءِ پاڪستان اڳتي نٿو وڌي سگهي، خواجه رفيق تحريڪِ پاڪستان ۽ تعميرِ پاڪستان ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو۔ هن چيو ته سياسي سفر دوران مان لڳ ڀڳ 50 ڀيرا جيل ويو آهيان، ۽ مان شروعات کان وٺي آخر تائين مسلم ليگي آهيان،هن چيو ته هن اڄ تائين پنهنجي موقف تان نه موٽيو آهي ۽ ڪڏهن به اصولن تي سمجهوتو ناهي ڪيو۔ مخالفن اسان کي ڪوڙا ڪيس ٺاهي جيل موڪليو۔ وزيراعظم شهباز شريف جي ڪري پاڪستان ڏيوالو ٿيڻ کان بچي ويو۔ هن چيو ته نواز شريف کي اڳتي اچي ملڪ جي حالتن کي درست ڪرڻ گهرجي۔خواجه سعد رفيق چيو ته پنجاب ۾ ڪم ٿيندو نظر اچي رهيو آهي،ان جا ثمر نه پيا ملن، اسين دشمن سان نه پر پاڻ ۾ وڙهون ٿا۔ هتي ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي، پر ماڻهو ملڪ ڇڏي ٻاهر وڃي رهيا آهن۔مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ چيو ته اسان هن ملڪ خاطر گهڻو ڪجهه برداشت ڪيو آهي۔ جيڪڏهن 9 مئي جو واقعو نه ٿئي ها ته هو جيل ۾ نه هجن ها۔ هنن پنهنجو ڪيس پاڻ خراب ڪيو آهي، اڄ سندن حق ۾ ضمانت ڏيڻ لاءِ به ڪو تيار ناهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.