اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)بي اين پي مينگل جي سربراهه سردار اختر مينگل تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته اڄ ملڪ ۾ ٻُوسٽ جو ماحول آهي،هڪ ٽوئيٽ ڪرڻ تي ماڻهو گرفتار ٿيو وڃن،ايمان مزاري ۽ سندس مڙس هادي جو مثال سڀني جي سامهون آهي،سوال ڪرڻ به ڏوهه ٿي ويو،حڪمرانن صحافي مطيع الله جي طوطي کي به بخش نه ڪيو،هن چيو ته اسان کي اعتراف ڪرڻو پوندو ته مقدس آئين جو حلف کڻندڙ ”مقدس ڳئون“ڪيترائي ڀيرا هن کي هضم ڪري وئي،ان مقدس قوت کي قوت بڻائڻ وارا ڪير آهن؟هن چيو ته اسان جنرل ايوب خان،يحيٰ،ضيا،مشرف،باجوا،حافظ منير تي الزام ته هڻون ٿا پر اسان اهو وساري ڇڏيون ٿا ته انهن جي پٺيان ڪير آهي؟ڇا ادارا انهن جي پٺيان ناهن؟اسان ادارن جو نالو ان ڪري نٿا کڻون ته ان اداري مان ترقي ماڻيندڙ ڪو شخص وري اچي ۽ ناجائز طور ويهاريل حڪمران کي هٽائي اسان کي ان ڪرسي تي ويهاري،هن چيو ته جنرلن مذهب جو استعمال ڪري پنهنجون ٽجوڙيون ڀريون،قوم کي مُڪا ڏيکاريندڙ جنرل مشرف جي جنهن ڏينهن وردي لٿي ان کانپوءِ سندس ڪا به حيثيت نه رهي،اسان کي رڳو فردن تي الزام نه هڻڻ گهرجن بلڪه ان مافيا ڏانهن به آڱريون کڻڻيون پونديون جنهن جي بدولت ايوب خان،يحيٰ،ضيا،مشرف،باجوا جنرل بڻيا،هن چيو ته ڪو اهڙو دور ناهي جنهن ۾ بلوچستان ۾ اسان جي نوجوانن جا لاش نه ڪيرايا ويا هجن،ماڻهو بلوچستان کان احتجاج ڪندا ڪندا اسلام آباد پهتا پر انهن جي ڪا شنوائي نه ٿي،هڪ بزرگ ماما قدير بلوچ اها جدوجهد ڪندي ڪندي ڪالهه گذاري ويو،هو هزارين بلوچن جو آواز بڻجي ويو،ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ وفاقي راڄڌاني ۾ آئي هئي،هن چيو ته انصاف جي تارازي جي هيٺيان،پارليامينٽ ۾ قائداعظم جي تصوير هيٺيان هن آئين سان اجتماعي زيادتي ڪئي وئي،ڪي ان اجتماعي زيادتي تي تاڙيون وڄائي رهيا هئا،بلوچستان ۾ نوجوانن جو آئين،رياست ۽ رياستي ادارن تان اعتبار کڄي چڪو آهي،هن چيو ته سگنل ٽوڙڻ ڏوهه آهي پر هن ملڪ جو آئين ٽوڙي ته ڪو به ڏوهه ناهي،اهو آجو آهي،استثنيٰ به ملي وڃي ٿي ان کي گارڊ آف آنر به ملي وڃي ٿو،هن چيو ته 1956ع ۾ آئين ٺاهيو ويو وري 1962ع ۾ آندو ويو،ڇهن سالن ۾ ئي آئين نه هلي سگهيو،بنگالين جي آبادي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اسان وٽ ون يونٽ آندو ويو،پر جيئن ئي اوڀر پاڪستان بنگلاديش بڻجي وڃي ٿو فورن 1973ع جو آئين اچي وڃي ٿو،ان آئين جو جشن بلوچستان ۾ ٽئنڪن،بندوقن جي آواز ۾ اسان کي ٻڌڻ ۾ آيو،73ع جي آئين جي خالق ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ۾ بلوچستان ۾ نيشنل عوامي پارٽي جي حڪومت ڊاٿي وئي،نعپ تي پابندي لڳائي وئي،هن چيو ته منهنجو سوال آهي ته اهو 73ع جو آئين جيڪو پنهنجي پاڻ کي نه بچائي سگهيو جيڪو منهنجي مائرن،ڀينرن جي عزت نه بچائي سگهيو،73ع جو آئين بلوچستان ۾ پنجن فوجي آپريشن ۾ شهيد ٿيندڙن جي وارثن کي انصاف نه ڏياري سگهيو،ڇا اهو 73ع جو آئين پل صراط طور اسان کي جنت ۾ پهچائي سگهندو؟هن چيو ته 73ع جي آئين ۾ اسان جيتري به جان وجهون،اهو آئين جيڪو پنهنجي خالق کي نه بچائي سگهيو،جيڪو هن ملڪ جي پارليامينٽ کي نه بچائي سگهيو،جيڪو مظلومن لاءِ آواز نه اٿاري سگهيو،هن چيو ته اسان بلوچستان ۾ چچريل لاش ڏٺا،چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ٿيندي ڏٺو،پنهنجي بزرگن جا پٽڪا ڌوڙ ٿيندي ڏٺا،اسان صبر ڪيو،پر خدا به صبر جي هڪ حد رکي آهي،اسان کي اها حد ٽپڻ تائين نه وڃڻ ڏيو، بلوچستان جي ماڻهن کي توهان گڏ کڻي هلڻ چاهيو ٿا؟هن چيو ته 88ع کان وٺي اسان مرڪزيت ۽ مسلسل سياسي غيريقيني،پنهنجي معدني وسيلن،قدرتي گئس ۽ ساحل جي مسلسل ڦرلٽ ڏٺي،2006ع ۾ نواب اڪبر بگٽي جي شهادت ان خليج کي وڌيڪ گهرو ڪري ڇڏيو،جبري گمشدگين ۽ اجتماعي سزائن رياستي مرڪز جي اخلاقي ساک کي شديد نقصان پهچايو،اڄ به بلوچستان ۾ سياسي انجنيئرنگ ذريعي ماڻهو آندا وڃن ٿا،ان عمل بلوچستان ۾ امن قائم نه ڪيو بلڪه عوام ۽ رياست جي تعلق کي مڪمل طور زهر آلود ڪري ڇڏيو آهي،هن چيو ته ڪجهه عرصي کان ڪي پي ۾ گورنر راڄ جون ڌمڪيون ٻڌي رهيو آهيان انهن کي بلوچستان جون حالتون ڇو نظر نٿيون اچن؟بلوچستان ۾ حڪومت جي ڪا رٽ باقي ناهي رهي،ڪو هڪ ضلعو ٻڌايو؟مان اهو نٿو چوان ته بلوچستان ۾ گورنر راڄ لڳايو وڃي پر انهن کان سوال آهي ته اسان جي صوبي ۾ ته اسٽيبلشمينٽ 78 سالن کان راڄ ڪري رهي آهي،گورنر راڄ نٿا لڳائي سگهو گهٽ ۾ گهٽ سيڪٽر ڪمانڊر راڄ لڳائي ڇڏيو،هن چيو ته وفاقي معاهدي جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وڃي،1973ع جو آئين بلوچن ۽ پشتونن جي تحفظ ۾ ناڪام ويو آهي،اسان هڪ نئين آئيني بندوبست جو مطالبو ڪريون ٿا،جيڪو سخت احتساب ۽ مفاهمت تي ٻڌل هجي،هڪ بااختيارمفاهمتي ڪميشن قائم ڪئي وڃي جنهن ۾ سموريون سياسي جماعتون،آزاد عدليه،سول سوسائٽي،عالمي انساني حقن جي مبصرن جي نمائندگي هجي،اعتمادسازي جي فوري قدمن ۾ سياسي قيدين ۽ لاپتا ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي،سياسي بنيادن تي قائم ڪيس ختم ڪيا وڃن،تشدد جي الزام ۾ شفاف عدالتي ڪارروائي،جبري گمشدگين دوران عدالت کان مٿانهن قتلن تي رياستي معافي ۽ معاضو ڏنو وڃي،انهن ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن،آفيسرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي،سياست ۾ برابري جو ميدان ڏنو وڃي،سياسي انجنيئرنگ جو مڪمل خاتمو ڪيو وڃي،سياسي جماعتن کي مداخلتن کان پاڪ چونڊن ۾ حصو وٺڻ ڏنو وڃي،هن چيو ته بلوچستان ۾ مصنوعي قيادتون تڪرار جو اصل فائدو کڻندڙ رهيون آهن،انهن اسلام آباد ۽ پنڊي کي خوش ڪرڻ لاءِ صوبي جا حق قربان ڪيا،بدلي ۾ انهن کي ڪرپشن ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي جي کليل ڇوٽ ڏني وئي آهي،ان جو واضح مثال هوئن ته گهڻا آهن پر ٻه ٻڌايان ٿو،هڪ اڳوڻو نگران وزيراعظم آهي جنهن جي حيثيت هڪ يونين ڪائونسل کٽڻ جيتري به ناهي،ٻيو بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگٽي آهي جيڪڏهن آزاد ۽ منصفاڻي چونڊ ٿئي ته هو به پنهنجي علائقي مان هڪ يوسي به نه کٽي سگهي پر اهي ٻئي ”بليو آئيز بوائز(اکين جا تارا) آهن ان قسم جا ماڻهو هر دور ۾ حڪومت ۾ رهن ٿا،اسان جو ٽيون مطالبو اهو آهي ته نئون وفاقي ڍانچو ٺاهيو وڃي،ارڙهين ترميم اسان جا بنيادي مسئلا حل نه ڪري سگهي،اسان اهڙي وفاقي نظام جو مطالبو ڪريون ٿا جنهن ۾ دفاع، ڪرنسي، پرڏيهي معاملا ۽ بين الصوبائي مواصلات کان علاوه سمورا اختيار واضح طور تي صوبن وٽ هجن،گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي هڪ حقيقي بااختيار فورم بڻايو وڃي جنهن جي فيصلن تي عمل لازمي هجي،چوٿون مطالبو اهو آهي ته ٻنهي ايوانن ۾ توازن قائم ڪيو وڃي،وزيراعظم جو رڳو قومي اسيمبلي مان هئڻ ننڍن صوبن کي قيادت جي حق کان محروم ڪري ٿو،اسان آئيني ترميمن ذريعي مطالبو ڪريون ٿا ته سينيٽ کي مالي بلن ۾ قومي اسيمبلي جيترا اختيار ڏنا وڃن،ٻئي ايوان مان هڪ نائب وزيراعظم مقرر هجي جيڪو گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي سربراهي ڪري ۽ بين الصوبائي هم آهنگي جي ذميواري سنڀالي،پنجون مطالبو اهو آهي ته صوبن تي وفاقي قبضن جو خاتمو ڪيو وڃي،صوبائي عوامي مينڊيٽ کي آساني سان پائمال نه ڪيو وڃي،ڇهون نمبر مطالبو آهي ته قدرتي ۽ ساحلي وسيلن تي صوبن کي مڪمل قانوني مالڪ تسليم ڪيو وڃي،رائلٽي جو 50 سيڪڙو حصو پيداواري ضلعي کي ڏنو وڃي،ستون نمبر مطالبو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ آبادي جو وزن گهٽ ڪري 25 سيڪڙو ڪيو وڃي ۽ غربت،پسماندگي ۽ ايراضي جي وسعت ۽ حقيقي ترقياتي ضرورتن کي مرڪزي حيثيت ڏني وڃي،اٺون نمبر مطالبو آهي ته چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ جي مقرري صوبائي حڪومت ڪري،سول ڪاموراشاهي ۽ هٿياربند فوجن ۾ سمورن صوبن کي برابر واري نمائندگي ڏني وڃي،رڳو آبادي جي بنياد تي نمائندگي جو ماڊل ناڪام ٿي چڪو آهي،ڪاموراشاهي ۽ فوج ۾ هڪ صوبي جي نمائندگي حد کان وڌيڪ آهي،اسان وٽ فوج کي پاڪستان جي فوج نٿو چيو وڃي،ان کي پنجاب جي فوج سڏيو وڃي ٿو،وفاقي ادارن ۾ صوبائي شموليت، بندرگاهن، توانائي ۽ معدنيات بابت وفاقي ادارن ۾ صوبن جي برابر نمائندگي يقيني بڻائي وڃي،ڏهون نمبر مطالبو آهي ته گوادر پورٽ جي عملي نگراني بلوچستان حڪومت کي ڏني وڃي،سرحدن کي تڪرار بدران روزگار جو ذريعو بڻايو وڃي،ايران ۽ افغانستان جي سرحدي علائقن ۾ جديد ڪراسنگ پوائنٽ قائم واپاري نظام،عورت دوست مارڪيٽون،ترجيح ٽيرف،مالي شموليت،ماهيگيري،مقامي ڪميونٽي سان معاهدو لازمي هجي،رياست بلوچستان کي قومي ڌاري ۾ آڻڻ چاهي ٿي ته اهي نڪتا اسان توهان کي ٻڌائي ڇڏيا آهن هاڻي جهڙي رستي تي توهان اسان کي هلائڻ چاهيو،اها توهان جي مرضي آهي،