”12 ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ آهن“

اسلام آباد (بيورو)سياسي اڳواڻ محمد زبير چيو آهي ته اپوزيشن جي قومي ڪانفرنس جو ون پوائنٽ ايجنڊا “شفاف چونڊون ڪرائڻ جو مطالبوآهي، اهو به مطالبو نه هوندو ته ٻه مهينا پوءِ چونڊون ڪرايون وڃن،اسلام آباد ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي طرفان ٻه ڏينهن واري قومي ڪانفرنس منعقد ٿي،ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ حڪومت وقت وٽ سياسي ساک ناهي،سياسي استحڪام اچڻ تائين معاشي حالتون نه سڌرنديون،هن نظام ۾ اسان بربادي ئي ڏٺي آهي،وزيراعظم،وفاقي وزير چئي رهيا آهن ته معيشت زبردست ٿي وئي آهي،پر انهن کان پڇو ته عوام جو ڪهڙو حال آهي؟عوام ۽ معيشت الڳ الڳ ڪيئن ٿي سگهن ٿا؟گذريل ٽن سالن ۾ وڏي بدحالي ٿي آهي،ان جو سبب ٽي ڌريون،پ پ ،مسلم ليگ ۽ اسٽيبلشمينٽ آهن، جيڪي 71 ع کانپوءِ مسلسل حڪومتون ڪنديون رهيون آهن،ماڻهن جي قوت خريد ختم ٿي وئي آهي،بيروزگاري 22 سيڪڙو تائين پهتي آهي،12 ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ آهن،انهن کي ٻن ويلن جي ماني ميسر ناهي،پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ ڪيترو اضافو ٿيو آهي،عام ماڻهو جي حالت ناهي سڌري،پي ٽي آءِ حڪومت ۾ 12 سيڪڙو مهانگائي هئي، ان کانپوءِ مسلسل واڌ ٿي 38 سيڪڙو تائين پهتي،حڪومت چوي ٿي ته اسان مهانگائي ڪنٽرول ڪئي آهي،معيشت جي تباهي ۾ آءِ ايم ايف جو وڏو هٿ آهي،،هن نظام وڏي تباهي مچائي آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.