گورنر گلگت بلتستان جو الڳ صوبي جو مطالبو

لاهور (بيورو) گلگت بلتستان جي گورنر مهدي شاهه الڳ صوبو بڻائڻ جو مطالبو ڪندي خبردار ڪيو آهي ته گلگت بلتستان سان انصاف نه ٿي رهيو آهي ۽ آزاد ڪشمير جي طرز تي هتي به احتجاجي تحريڪ شروع ٿي سگهي ٿي. مهدي شاهه چيو ته وسيلا اسان وٽ آهن، پر فائدو سڄو پاڪستان حاصل ڪري رهيو آهي. هتي اسان جي حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي ۽ ضرورت پوڻ تي آزاد ڪشمير جي طرز تي احتجاجي تحريڪ شروع ٿي سگهي ٿي، گورنر ٻڌايو ته وفاق ۾ مسلم ليگ (ن) سان پي پي پي جي اتحادي حڪومت آهي، پر گلگت بلتستان کي ڪجهه به نه ملي رهيو آهي. احسن اقبال 200 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جو واعدو ڪيو، پر ڪو ڪم نه ٿيو، هر صوبو چوندو آهي ته اسان کي پنهنجو حصو ملڻ گهرجي، ۽ جيڪڏهن اسان جو عليحده صوبو ٺهي ويندو ته حصو ملندو، مهدي شاهه ياد ڏياريو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ڪشمير جي علائقن تي قبضو ڪري ڇڏيو، پر اسان ڪجهه نه ڪيو، وقت تي صحيح فيصلو ڪري پنهنجو علائقو سنڀاليو وڃي ها ته نقصان گهٽجي وڃي ها، گورنر گلگت بلتستان زور ڏنو ته هتي زمين ۽ جبل هڪ جهڙا آهن، پر علائقي کي  تڪلراري قرار ڏئي اسان کي سهولتن کان محروم ڪيو پيو وڃي، مهدي شاهه چيو ته اسان باقي صوبن کان الڳ ٿي پنهنجي مرضي سان پاڪستان ۾ شامل ٿيا آهيون، جڏهن اليڪشن ايندي آهي ته سياستدان واعدا ڪندا آهن، هن اتحادي جماعت سان مايوسي جو اظهار ڪندي چيو ته مسلم ليگ (ن) جو اتحادي هجڻ اسان لاءِ فائدي مند ناهي ۽ اها ڳالهه هن پنهنجي پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ پڻ ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.