27 هين ترميم،ڪارپوريٽ فارمنگ،ڪئنالن،ڌاڙيل راڄ خلاف لاڙڪاڻي ۾ ريلي،ڌرڻو

لاڙڪاڻو (بيورو) ستاويهين آئيني ترميم، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن، سنڌو درياهه تي نون ڪينالن ۽ ڊيمن، سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙن ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان باقراڻي روڊ کان ريلي ڪري جناح باغ چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو.  مارچ جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر غلام مصطفي چانڊيو، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ نويد عباس ڪلھوڙو، خالق گنڌرو، پرهه ملاح، سرمد سائينداد خاصخيلي، ڊاڪٽر ماروي سنڌو، ستار رند، لال جروار، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، ماهه نور ملاح، سڀاني ڏاهري، شمشاد ٻپڙ، ايڊووڪيٽ ريحانا جتوئي، پارس ڀٽي، ايڊووڪيٽ نجيب الرحمان مھيسر، ڪاشف ملاح، ايڊووڪيٽ اظهار دائودپوٽو، علي حسن وڪو، ڊاڪٽر دلدار لغاري، ايڊووڪيٽ سرواڻ جتوئي، قادر ڀٽو، پرهه سومرو، ايڊووڪيٽ آصف کوسو، منصور ٻپڙ، حسين سومرو، خالد تنيو ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي. ان موقعي تي مارچ کي خطاب ڪندي وسند ٿري چيو ته پارليامينٽ کي رٻڙ اسٽيمپ بڻايو ويو آهي. ملڪ هلائڻ جا فيصلا واشنگٽن مان ٿي رهيا آهن. آمريڪا سان ڳجهي ڊيل ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جا وسيلا آمريڪا حوالي ڪيا ويا آهن. پارليامينٽ بدران اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل وسيلي ملڪ هلايو پيو وڃي. ستاويهن آئيني ترميم وسيلي قائداعظم محمد علي جناح جي پاڪستان جو قتل ڪيو ويو آهي. عدالتون مفلوج بڻايون ويون آهن. ملڪ کي هڪ دفعو وري 1971 طرف ڌڪيو پيو وڃي. ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن وسيلي مظلوم قومن کي پنهنجي وطن ۾ ئي بي وطن ڪيو پيو وڃي. پيپلزپارٽي ڪرسي خاطر سنڌ جو انچ انچ وڪرو ڪري ڇڏيو آهي. پ پ پ صدارتي ڪرسي عيوض سنڌ جي زمينن جو سودو ڪيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ سنڌ جا وسيلا وڪرو پيا ڪيا وڃن. هن چيو ته ڌاڙيلن تائين نيٽو جا هٿيار ڪيئن ٿا پهچن، ان جي شفاف عدالتي جاچ ڪئي وڃي. ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪندڙ سرڪاري سردارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. هن چيو ته امڪاني 28هين ترميم وسيلي سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. عمره سمون چيو ته سنڌياڻين سدائين آمريتن کي للڪاريو آهي، هن آئيني آمريت خلاف به ڀرپور جدوجهد ڪئي ويندي. هن چيو ته قلم 144 انگريز سرڪار طرفان عوام کي غلام رکڻ لاءِ آندو ويو هو. جڏهن ته امڪاني 28هين آئيني ترميم وسيلي سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي سازش، ستاوھين آئيني ترميم، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن، سنڌو درياھ ۽ ان جي ڀرتو ندين تي نون ڪينالن ۽ ڊيمن، سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙن، ڪارو ڪاري ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف قراردادون منظور ڪيون ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.