ڇا احتجاج ذريعي سزا يافتا شخص کي آزاد ڪرائي سگهجي ٿو: گورنر ڪي پي

پشاور (م ڊ) گورنر خيبر پختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي سزا يافته آهن ۽ سوال ڪيو ته ڇا ڪنهن به سزا يافته شخص کي احتجاج ذريعي آزاد ڪرائي سگهجي ٿو، پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته بشريٰ بي بي ڪيئن غير سياسي ٿي سگهي ٿي؟ ڊي چوڪ ريلي ۾ موجود ڪير هو؟ ڇا هوءَ خيبر پختونخوا جي منصوبن ۾ ملوث نه هئي؟، امن و امان جي صورتحال تي ڳالهائيندي هن چيو ته ڪي پي جو وڏو وزير صوبائي آپريشن جي حمايت ڪري، ته جيئن دهشت گردي ختم ڪري سگهجي، هن چيو ته جڏهن صوبي ۾ امن قائم ٿيندو ته سيڙپڪاري وڌندي ۽ معاشي سرگرمين کي هٿ ملندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.