ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش ۾ نوجوان شاگرد اڳواڻ شريف عثمان هادي جي مارجڻ کانپوءِ ڍاڪا سميت سڄي ملڪ ۾ احتجاج ۽ پرتشدد مظاهرن جو سلسلو شروع ٿي ويو. ڍاڪا ۾ مڇريل ماڻهو وڏي انگ ۾ روڊن تي نڪري آيا، مظاهرين عوامي ليگ ۽ ڪيترن ئي ميڊيا جي ادارن کي باهه ڏئي ڇڏي، ڀڃ ڊاهه ڪري اهم رستن کي بند ڪيو ويو. احتجاج دوران مظاهرين ۽ سڪيورٽي فورسز وچ ۾ چڪريون به ٿيون جنهن سبب مختلف علائقن ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال رهي. مظاهرين عثمان هادي جي حق ۾ نعرا هنيا ۽ اعلان ڪيو ته انصاف جي فراهمي تائين احتجاج جاري رکيو ويندو. هنن مطالبو ڪيو ته حملي جي ذميوارين کي فوري طور تي گرفتار ڪري انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. واقعي جي شفاف جاچ کانسواءِ احتجاج ختم نه ڪيو ويندو. جاچ عملدارن موجب، عثمان هادي تي حملو ڪندڙ شڪي ماڻهو ڀارت جي سرحد کان غيرقانوني طور تي داخل ٿيا هئا ۽ ڀارت ئي فرار ٿي ويا. فائر برگيڊ ۽ سول ڊفيس ترجمان موجب، ڊيلي اسٽار جي عمارت ۽ پروٿم آلو اخبار جي عمارت کي باهه ڏني وئي. ٻئي اخبارون ڏکڻ ايشيائي ملڪ ۾ سڀ کان وڏيون آهن. مظاهرين انهن تي ڀارت حامي هجڻ جو الزام هنيو. ياد رهي ته شريف عثمان هادي کي گذريل جمعي تي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري زخمي ڪيو هو، کيس علاج لاءِ سنگاپور منتقل ڪيو ويو هو جتي گذريل ڏينهن هو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. سندس مارجڻ کانپوءِ ڇڪتاڻ پيدا ٿي. شريف عثمان هادي جولاءِ ۾ حسينا واجد جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪندڙ شاگرد تحريڪ جو اهم اڳواڻ هو ۽ انقلاب منچا جو ترجمان به هو. هوڏانهن بنگلاديش جي عبوري حڪومت عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو ملڪ ۾ ڪجهه انتهاپسند گروهن طرفان ڪيل پرتشدد ڪاررواين خلاف هوشيار ۽ باخبر رهن. اهو بيان عبوري حڪومت جي چيف ايڊوائزر محمد يونس جي آفيس طرفان جاري ڪيو ويو.بيان ۾ چيو ويو ته هر قسم جي تشدد، ڌمڪي، ڀڃ ڊاهه ۽ جاني ۽ مالي نقصان جي تباهي جي سخت مذمت ڪريون ٿا. هن وقت جمهوري تبديلي مان گذري رهيا آهيون، اسان ڪنهن صورت ان اڳڀرائي کي ڪجهه ماڻهن جي هٿان متاثر ٿيڻ نه ڏينداسين.