حيدرآباد (پ ر) حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران سنڌ جي وحدت تي وار، وسيلن جي ڦرلٽ، ڪئنال منصوبن، زمينن جي والار، 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن خلاف نسيم ننگر چوڪ قاسم آباد ۾ 3 ڏينھن لاءِ احتجاجي بک ھڙتالي ڪئمپ قائم ڪري ورتي، بک ھڙتالي ڪئمپ جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي ضلعي صدر نذير بليدي، نائب صدر بابو ميمڻ، معشوق چانڊيو، مرڪزي نگران زاھد ڀنڀرو، خادم سمون، عباس پٺاڻ، راول سيال، راجا چانڊيو، رب ڏنو ملڪ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، نصرت خاصخيلي،ماروي خاصخيلي ايس ايس ٽي اڳواڻ عامر کوسو، ايس بي ٽي اڳواڻ راجيش ڪمار بابو سولنگي، قمرالدين لاشاري ۽ ٻين ڪئي، احتجاجي ڪئمپ تي سنڌ دشمن منصوبن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون چيو ته عالمي سامراجي طاقتون سنڌ جي وحدت تي حملي آور ٿي نئون اسرائيل بنائڻ چاھين ٿيون. سنڌ ھزارين سالن کان سنڌين جو وطن آھي. سنڌ دشمن ڪا به سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، پيپلز پارٽي وسيلا وڪڻي اقتدار خريد ڪيو آھي. تيل، گئس، بندرگاھ، درياھ، ڪوئلو ۽ ٻيا وسيلا لٽي سنڌ جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي، قومي عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر نظير بليدي خطاب ڪندي چيو ته ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا سنڌ جي بنجر ۽ ڀڙڀانگ بنائڻ جا منصوبا آھن، ڪنھن به منصوبي جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي والار برداشت نه ڪئي ويندي، 26ھين ۽ 27ھين آئيني ترميم آزاد عدليا، جمھوريت ۽ بنيادي انساني حقن تي عملو آھي. حڪمران ڪارا قانون جوڙي عوام جي آواز کي دٻائي رھيا آھن. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ زاھد ڀنڀرو خطاب ڪندي چيو ته حقيقي جمھوريت، آئيني جي بالادستي، انساني حقن لاءِ ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف قومي عوامي تحريڪ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻ ۾ جدوجھد جي ميدان تي آھي.